راجا پرويز جي پرڏيھھ وڃڻ جي اجازت واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شھر جي ھاءِ ڪورٽ  اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي مشتمل بينچ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف جي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي درخواست تي پهريان کان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ عدالت سندس درخواست کي رد ڪندي چيو آهي ته راجا پرويز اشرف ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪري.  ياد رهي ته راجا پرويز اشرف پرڏيهه وڃڻ لاءِ مشروط اجازت گهري هئي ۽ اي سي ايل مان هڪ ڀيرو نالو ڪڍڻ جي استدعا ڪئي هئي ڇو تھ کيس پرڏيھھ  ۾ ھڪ ڪانفرنس ۾  شرڪت ڪرڻي ھئي.

پهنجو تبصرو موڪليو