دڙو اسپتال جو اين جي او، سرڪار کان بدتر حال ڪري ڇڏيو

دڙو (امداد ميمڻ) سجاول ضلعي جي شھر دڙو ۽ آسپاس جي ھزارين ماڻھن جي صحت جي  واحد سرڪاري سهولت  رورل ھيلٿ سينٽر ۾ عوام کي صحت جي ڪابه گھربل سھولت ميسر ناھي. گذريل اٺن مھينن کان وٺي سرڪاري اسپتال کي ملندڙ دوائن جي فراھمي مڪمل طور تي بند ڪئي ويئي آھي. ڪافي ڳوٺن مان نانگ ۽ ڇتن ڪتن جي کاڌل ماڻھن جا ڪيس رپورٽ ٿي رھيا آھن. پر دڙو اسپتال ۾ نانگ ۽ ڇتي ڪتي جي ڪابه وئڪسين موجود ناھي. متاثر ٿيندڙ غريب ماڻھو پرائيويٽ اسپتالن مان مھانگو علاج ۽ ڳري رقم عيوض وئڪسين خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. سرڪاري اسپتالن ۾ عوام کي صحت جون جديد قسم واريون مفت سھولتون مھيا ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ سنڌ حڪومت سجاول جي سمورين سرڪاري اسپتالن جو انتظامي ڪنٽرول ھڪ  اين جي او کي ٺيڪي طور ڏئي ڇڏيو آھي.

جنھن کانپوء مرف اين جي او جي نا اھلي جو  چٽو  ثبوت اھو آھي ته دڙي جي سرڪاري اسپتال ۾ صبح شام ۽ رات جي وقت مجموعي طور تي مقرر ڪيل 16 ميڊيڪل ڊاڪٽرن جي پوسٽن تي فقط 3 ڊاڪٽر ڪم ڪري رھيا آھن. باقي ڊاڪٽر ويزا تي ويل ۽ ٻين ڊاڪٽرن جي نالي تي ھر مھيني سرڪاري خزاني مان پگھارون جي مد ۾ لکين روپيا ھڙپ ڪيا وڃن ٿا. دڙو جي سرڪاري اسپتال جو آپريشن ٿيٽر، ايڪسري، ٽيسٽ ليبارٽري ۽ ٻين بيمارين جي شعبن کي سالن کان تالا لڳل آھن. صبح شام ۽ رات جي وقت يعني ٽنھي شفٽن ۾ ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاء ڪوبه انتظام ناھي. اسپتال کي مليل 2 ايمبولنس گاڏيون سالن کان خراب حالت ۾ بيٺل آھن ۽  جنريٽر به آهي پر تيل جو خرچ بدستور جاري آهي.  اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جو ڪوبه بندوبست ٿيل ناھي. سرڪاري رڪارڊ ۾ اسپتال ۾ علاج لاء ايندڙ مريضن جي پيئڻ جي صاف پاڻي جو آر او پلانٽ لڳل آهي پر اهو موجود ناهي. مريضن لاء قائم ڪيل 5 وارڊن ۾ پيل بيڊ ٽٽل آھن. تازو مرف اين جي او پاران ڪروڙين روپين جي لاڳت سان دڙو رورل ھيلٿ سينٽر جي بلڊنگ ۽ ان جي مختلف شعبن  جي مرمت لاء تعمراتي ڪم ڪرايو ويو آھي. بدترين ناقص مٽيريل جي استعمال سبب اسپتال جي مختلف ڪمرن جون ڇتيون, دريون ۽ فرش اکڙڻ شروع ٿي ويا آھن.

ايم ايس جو بنگلو ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي  ۽ ملازمن جي رھائشي ڪالوني تي قبضا ٿي چڪا آھن. سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ماما منٺار دايو, ڪامريڊ عزيز سومرو ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آھي ته جڏھن کان مرف اين جي او سرڪاري اسپتالن جو انتظام سنڀاليو آھي تڏھن کان اسپتالن جي تباھي جو آغا شروع ٿيو آھي. ھنن چيو ته دڙو اسپتال سميت سمورين اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي نالي تي ھر مھيني ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي. عوام کي ٽڪي جي گوري به نٿي ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو