دنيا اندر مُرڪون وِکيريندڙ مسٽر بين 66 سالن جو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا کي پنهنجي منفرد ادڪاري سان ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون آڻيندڙ هالي ووڊ جي مقبول ترين اداڪار روون ايٽڪنسن “مسٽر بين” اڄ 66 سالن جو ٿي ويو آهي. مسٽر بين جي مشهور ۽ معروف ڪردار سان شهرت جي بلندين تائين پهچندڙ هالي ووڊ اداڪار روون ايٽڪنسن اڄ پنهنجي 66هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. 6 جنوري 1955 تي انگلش ڪائونٽي درهم ۾ جنم وٺندڙ روون پنهنجي ڪيريئر جو آغاز بي بي سي ريڊيو پروگرام دي ايٽڪنسن پيوپل سان ڪئي هئي. 1990 ۾ هن دي هيلپ ليس مسٽر بين جو پهريون ڪاميڊي شو پيش ڪيو جڏهن ته مسٽر 1997 ۾ مسٽر بين جا ڪيترائي سيڪوئليز پيش ڪيا. بين شو جي ڪردار کان وٺي ڊائريڪٽر ميل اسمٿ فلم بڻائي جنهن جو نالو ئي مسٽر بين رکيو ويو جنهن کان پوءِ 2007 ۾ ان سلسلي جي ٻي فلم مسٽر ۽ 1997 وچ ۾ روون هڪ 1995 بين هالي ڊي جي نالي سان بڻائي وئي. مقبول ٽيليويزن سيريز دي ٿن بليو لائين ۾ به جلوه گر ٿيو جنهن ۾ هن هڪ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو هو. 2003 ۾ هن جيمز بانڊ سيريز فلم جوني جوني انگلش ۾ به ڪم ڪيو جنهن جو سيڪوئل جوني انگلش ري بون جي نالي سان 7 آڪٽومبر 2007 تي رليز ٿيو جڏهن ته هن فلم جوني انگلش 3 ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. نومبر 2012 کي روون مشهور زمانه مسٽر بين جي ڪردار کي خيرباد چوڻ جو فيصلو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو