دماغي ڪينسر جي علاج ۾ وڏي اڳڀرائي، ڊاڪٽر پاڻ به حيران

لنڊن(ويب ڊيسڪ)خطرناڪ ڪينسر جي قسم خلاف سائنسدانن کي وڏي ڪاميابي ملي وئي، برين ڪينسر خلاف ان وڏي ڪاميابي کي جدت قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب برين ڪينسر، جنهن جو علاج وڏي ڏکيائين سان ٿيندو آهي ۽ ان ۾ 3 کان 5 سيڪڙو مريض ئي 3 سالن کان وڌيڪ عرصو جيئرا رهي سگهندا آهن. پر تجرباتي ٿراپي، جنهن ۾ مريض جي مدافعتي نظام کي ري پروگرام ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهو ٽيومر تي حملي آور ٿي سگهي، اهو عمل ايتري جلدي ٿيو جو ڊاڪٽر پاڻ به حيران ٿي ويا. جان هپڪنز يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر اوٽيس براولي موجب اهو مون لاءِ حيران ڪندڙ هو، ايترو جلدي؟ مطلب يقين نه پئي آيو. سائنسدانن جي ان تحقيقي ٿراپي کي CAR-T جو نالو ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر وڌيڪ چيو ته ان ٽيومر تي حملو ڪيو، مطلب اها ڪجهه ڪري رهي آهي، اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻو آهي ته اسان ان سرگرمي کي ڪيئن اڳتي وڌائي سگهون ٿا. ان تجرباتي ٿراپي کي هڪ 72 ورهين جي مريض تي آزمايو ويو هو، ان ٿراپي ۾ مريض جي T CELLS کي گڏ ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کي ڪينسر سيل جي مٿين سطح تي موجود مارڪرز کي سڃاڻڻ لاءِ ري انجنيئر ڪيو ويو. پري ڪلينيڪل ليبارٽري جي ٽرائلز ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ٽي سيل اينٽي باڊي ماليڪيول اميدن مطابق ٽيومر جي سائيڊ تي رهي ڪم ڪيو، جڏهن ته انهن ئي ٽي سيلز ٻين ٽي سيلز جي افزائش ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سائنسدانن مجموعي طور تي اهو تجربو ٽن مريضن تي ڪيو، جن مان ٻن مريضن هڪ 74 ورهين جي پيرسن ۽ 57 ورهين جي عورت کي مرض ٻيهر پيدا ٿي ويو، جڏهن ته 72 ورهين جي شخص کي علامتون ٻيهر ظاهر نه ٿيون پر ڪجهه اثر رهيا، جيئن بخار وغيرا.

پهنجو تبصرو موڪليو