لنڊن(ڊيسڪ رپورٽ) ورلڊ ڪرڪٽ ڪپ جي ميزبان انگلينڊ ٻئي سيمي فائنل ۾ دفاعي چيمپئن آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي، برمنگهم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو کين راس نه آيو، انگلش بالرن آڏو آسٽريلوي بيٽسمين بيهي نه سگهيا، اوپنرز ڊيوڊ وارنر 9 رنز ۽ فنچ بنا کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿي ويا، سمٿ پچ تي ڄمي بيٺو ۽ 85 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، هينڊڪومب 4، ڪيري 46، ميڪسويل 22 رنز ۽ اسٽارڪ 29 رنز ٺاهيون. انگلينڊ جي بالر ووڪس ۽ عادل رشيد 3-3 وڪيٽون ورتيون، جوفر آرچر 2 ۽ ووڊ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. اهڙي ريت آسٽريلين ٽيم وڏين ڪوششن کانپوءِ 223 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. انگلينڊ جي اوپنرز بهترين ۽ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي آسٽريلوي بالرن تي پريشر وڌو، جيڪو آخر تائين برقرار رهيو، جوني بئرسٽو 34 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، جيسن راءِ 65 بالن تي 85 رنز جي شاندار اننگز کيڏي پر بدقسمتي سان امپائر جي غلط فيصلي جو شڪار ٿي ويو، انهن کانپوءِ جو روٽ ۽ ڪپتان مورگن به جارحاڻو انداز جاري رکيو ۽ ميچ کٽي ورتي. جو روٽ 49 ۽ مورگن 41 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، انگلش ٽيم 33 هين اوور ۾ رڳو ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 224 رنز جو حدف ماڻيو ۽ اهڙي ريت دفاعي چئمپين آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست نصيب ٿي، آسٽريليا جي اسٽارڪ ۽ ڪُمنس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. 8 اوورن ۾ رڳو 20 رنز ڏئي 3 وڪيٽون وٺندڙ انگلينڊ جي بالر ڪرس ووڪس کي مين آف دي ميچ ڏنو ويو. انگلينڊ ٻئي سيمي فائنل ۾ شاندار ڪاميابي سان فائنل ۾ پهچي ويو، آچر تي ورلڊڪپ 2019 جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. فائنل ۾ پهتل ٻئي ٽيمون اڄ تائين ورلڊڪپ ناهي کٽيو. آسٽريليا پهريون دفعو سيمي فائنل ۾ هارايو آهي. انگلينڊ لاءِ انگريزي ۾ چوندا آهن ته مدر آف آل اينڊ ونر آف نن، يعني سڀني راندين جي ماءُ آهي پر کٽي هڪ به ناهي.
ڪرپشن ۾ ملوث ايف بي آر ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم
رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ڪارڊن جي مدي ۾ 30 جون تائين واڌ
سنڌ ۾ ٽئڪس ۽ بجلي چورن جا نالا شايع ڪرڻ جو فيصلو
نُنهن سان زيادتي جو ڏوهه ثابت، سهري کي 10 سال قيد جي سزا
حڪومت سان نه پر فوج سان ڳالهيون ڪنداسين، آفريدي
مهيني دوران 92 ڪروڙ 69 لک يونٽس جي اوور بلنگ
پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان
نون ليگ پاران نواز کي پارٽي قيادت سنڀالڻ جي درخواست
سولر پئنل لڳائڻ وارن تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز
جناح يونيورسٽي، ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي درخواست رد
پنهنجي ضرورتن لاءِ آمريڪا سان به رابطي ۾ آهيون: پاڪستان
ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف درخواست، ڌرين کي نوٽيس جاري
ناڪاري پروپيگنڊا ترقي ۽ خوشحالي کي روڪي نه ٿي سگهي
محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ سرڪار جو جيلن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جو اعلان
اسانکي رقيب نه پر شريڪ هجڻ گهرجي، شي جن پنگ
گورنر جو نوجوانن کي ڪاروبار لاءِ وسيلا فراهم ڪرڻ جو اعلان
جنهن رٿا ۾ چينين کي بلٽ پروف گاڏيون نه ملنديون، ڪم نه ڪندا
پريس ڪلب راولپنڊي ۾ گرين ميٽر لڳائڻ کانپوءِ آن ڪيو ويو
ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريلي