دادلوءِ لڳ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٻه ڄڻا زخمي، ڊرائيور فرار

پنوعاقل (ن س) پنوعاقل لڳ دادلوءِ بس اسٽاپ تي تيزرفتار ڪار جو بيٺل موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ٻه نوجوان سخت زخمي سکر سول منتقل. تفصيل موجب پنوعاقل لڳ دادلوءِ اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جو بيٺل موٽر سائيڪل کي ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ صاحب خان ڪورائي جا رھواسي  ٻه نوجوان وقار ڪورائي ۽ رجب ڪورائي سخت زخمي ٿي پيا. جن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتي ٻنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري سکر ريفر ڪيو ويو، هوڏانهن ڪار سوار ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو