خير سان ميرا جو آپريشن به ٿي ويو

دبئي (ڊيسڪ نيوز) پاڪستاني فلمن جي مشهور اداڪاره ميرا جو دبئيءَ جي اسپتال ۾ معدي جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اردو چينل ”جيو نيوز“ پاران ڪيپٽن نويد پرويز جو حوالو ڏيندي خبر جاري ڪئي وئي آهي ته ميرا گذريل ڪيترن ڏينهن کان دبئيءَ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي ۽ سندس طبيعت سيريس هئي جڏهن ته هاڻي سندس آپريشن ٿي ويو آهي ۽ آخري اطلاع تائين ميرا رڪوري روم ۾ هئي. ٻئي طرف دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته آپريشن کان هڪ ڏينهن اڳ ميرا ڪيپٽن نويد پرويز ۽ سندس دوستن سان گڏجي دبئيءَ جي هڪ هوٽل ۾ ڊنر ڪئي جنهن جي تصوير به جاري ڪئي وئي.

ياد رهي ته ڪيپٽن نويد پرويز ۽ ميرا ڪجهه سال اڳ شادي ڪئي ۽ وري سندن علحيدگيءَ جو خبرون هليون. جڏهن ته بعد ۾ميرا خلاف عدالت ۾ نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جو ڪيس به ٿيو ۽ ساڳي ڪيپٽن نويد يو ٽيوب تي هڪ ”انتهائي نجي“ وڊيو به اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾ ميرا ۽ ڪيپٽن نويد اعتراض جوڳي حالت ۾ هئا.  

پهنجو تبصرو موڪليو