ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي خوراڪ کاتي ۽ اداره عالمي خوراڪ جي وچ مفاهمت جي ياداشت تي دستخط ڪيا ويا. مفاهمت ياداشت تي دستخط جي تقريب ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، اينٽي نارڪوٽڪس جي آفيس ۾ منعقد ٿي. ان موقعي تي صوبائي وزير خوراڪ مڪيشن ڪمار چاولا، سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري بورڊ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪرس ڪي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ياداشت تي دستخط سيڪريٽري خوراڪ سنڌ راجا خرم عمر شهزاد ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڪرس ڪي ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير خوراڪ مڪيش ڪمار چاولا چيو ته خوراڪ کاتي سنڌ جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ اداره عالمي خوراڪ سان گڏ ملي ڪري ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي سهڪار سان پنهنجي ڪڻڪ جي سپلائي ۽ خاص ڪري ان کي ذخيره ڪرڻ جي صلاحيت کي بهتر پڻ ڪري رهيا آهيون. هن ورلڊ فوڊ پروگرام جي صوبي سنڌ ۾ خوراڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ان کي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ تي اداره عالمي خوراڪ جو پڻ شڪريه ادا ڪندي چيو ته اسان ورلڊ فوڊ پروگرام پاران فراهم ڪيل ٽيڪنيڪي معاونت کي خوراڪ جي سمورن شعبن تائين واڌارو ڏيڻ جو ارادو رکندا آهن. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سنڌ صوبي ريجن ۾ ڪڻڪ پيدا ڪرڻ ۾ ٻي نمبر تي آهي ۽ ان جي سالانه پيداوار 2020-21 ۾ 4.043 ملين ميٽرڪ ٽن هئي. خوراڪ کاتي سنڌ صوبي جي 1457 اسٽوريج يونٽس ۾ 1.2 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ذخيرو ڪندو آهي. هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته خوراڪ کاتو سنڌ ان معاهدي جي تحت 1.085 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ذخيرو جي گودام پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس جي تحت تعمير ڪندو جنهن لاءِ ادارو عالمي خوراڪ چار لک آمريڪن ڊالر فراهم ڪندو.
