محمد خالد ميمڻ
گذريل ڏينهن ڦل شهر جي خوراڪ کاتي جي کليل گودامن وٽان گذر ٿيو ته گذرندي مهل زهريلي ڌپ محسوس ٿي ته نڪ کي هٿ ڏئي موٽرسائيڪل تان لهي گودام تي ويس اتي ڏٺم ته مزدور ڪڻڪ پاچڪن مان ٻاهر ڪڍي وڏو ڍير ڪيو ان ڀرسان نون پاچڪن ۾ ڪڻڪ ڀري رهيا هيا ۽ اتي موجود مزدورن ٻڌايو ته اها ڪڻڪ مختلف فلورملن ڏانهن موڪلي ويندي ۽ ان زهريلي ڌپ واري ڪاري ڪڻڪ مان اٽو ڪري هلايو ويندو مون جو اها ڍير ٿيل ڪڻڪ ڏٺي ته اها ڪڻڪ صفا ڪاري ڳوڙها ڳوڙها ٿيل نظر آئي ته مون ان ڪڻڪ جي وڊيو ٺاهي ۽ وڊيو ٺاهيندي ان ڪڻڪ جي ڳوڙهن کي هٿ سان ڀور ڀور ڪري ڏٺم ته ان ڪڻڪ مان جيتن کان علاوه ايتري ته زهريلي ڌپ آئي جو ان زهريلي ڌپ جي ڪري منهنجي وات واري نڙي صفا زهريلي ٿي وئي ۽ مان تڪڙ ۾ نڪ تي هٿ رکي ڌپ ڪري ويل ڪڻڪ جي وڊيو ڀري ۽ تصويرون به ڪڍيون ۽ هڪ صحافي جي حيثيت سان اها رپورٽ به هلايم پر جنهن هٿ سان مون ڪڻڪ کنئي ان هٿ مان ڪڻڪ واري زهريلي ڌپ ڪيترائي ڏينهن نه وئي ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مون اها ڳالھ پنهنجي هڪ خوراڪ کاتي سان وابسته دوست سان ڪئي ۽ ان کان سوال پڇيو ته ان زهريلي ڌپ واري ڪاري جيتن واري ڪڻڪ وارو اٽو عوام واپرائيندو ۽ جي واپرائيندو ته اهو ڪيئن بچندو؟ته منهنجي ان دوست مون کي ٻڌايو ته اها ته ڪا وڏي ۽ نئين ڳالھ ناهي خوراڪ کاتي جي گدامن جا انچارج ۽ آفيسر گذريل ڪيترن ئي سالن کان اهو بلڪه ان کان به وڌيڪ هٿ سان ڪڻڪ ۾ بجري,واري,بوه ۽ مٽي ملائي واپارين کي وڪرو ڪري ڏنل ڪڻڪ واري کوٽ پوري ڪري فلورملن ڏانهن موڪليندا آهن ۽ اها ڪڻڪ عوام کائي کائي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا پر خوراڪ کاتي جي عملدارن سميت سنڌسرڪار کي ڪابه ان بابت ڳڻتي ناهي ڇاڪاڻ ته ان ڪڌي ڪم ۾ خوراڪ کاتي جا وڏا عملدار سياستدان وزير مشير سڀ مليل هوندا آهن ۽ سڀني کي سندس رتبي مطابق حصوپتي ملندو آهي ان ڪري سڀ اختيارڌڻي خاموش آهن ان دوست جي ٻڌايل ڳالھ کان پوء مون کائنس هڪ ٻيو سوال ڪيو ته ڇا ان افسوسناڪ شرمناڪ عمل جا حصيدار ڀلا اهڙي ڪڻڪ جو اٽو پاڻ يان پنهنجي خاندان کي به کارائيندا هوندا يان اهو صرف عام عوام جي نصيبن ۾ لکيل آهي ته منهنجي دوست ٻڌايو ته اهڙي ڪڻڪ جيڪا پکي به نه ٿا کائين ۽ جي غلطي سان کائين ٿا ته ٿڏي ئي مري ٿا وڃن اها خوراڪ کاتي جا اهي عملدار پاڻ ۽ پنهنجي فيملي کي بلڪل به ناهن کارائيندا اهڙي انسان ذات لاء مضر ڪڻڪ عام عوام جي ئي نصيب ۾ آهي مون کي اهي ڳالهيون ٻڏي ڏک سان گڏ تمام گهڻي ڪاوڙ به لڳي ته اسان انسان ڪيترا ته خودغرض ٿي ويا آهيون جو پنهنجي پيٽ جي ناجائز ضرورتن کي پورو ڪرڻ واسطي ڪيئن ٻين انسان جي زندگين سان ائين کيڏون ٿا پيا اوهان سوچيو ته جڏهن اها زهريلي ڌپ واري ڪڻڪ ماڻهو کائيندا ته اهي مختلف موضي مرضن کان ڪيئن بچي سگهندا ان لاء اسان جي چيف جسٽس آف پاڪستان کي خوراڪ کاتي جي ان ڪڌي ڪم جو ازخود نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان لاء ايماندار غيرجانبدار سٺي ساک رکندڙ عملدارن آفيسرن سياسي سماجي اڳواڻن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي گذريل ٻن ڏهاڪن سالن کان ڪڻڪ جي ان مسئلي تي ٿيل بي قائدگين,ڪرپشن,ڪڻڪ ۾ مٽي,واري,ملائي هٿ سان ڪيل کوٽ کي پورو ڪرڻ واري عمل جي مڪمل جاچ ڪرائي انهن انساني جانين سان کيڏڻ واري ڪڌي عمل ۾ ملوث ماڻھن خلاف قانون موجب سخت ڪاروائي ڪري آئنده ان غيرقانوني ڪم کي ٻنجو ڏنو وڃي ته جيئن عوام زندگي بچائڻ جي نالي سان زندگيون وڃائڻ کان بچي پوي#
