ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) درخشان ٿاڻي جي حد ڊفينس جي بدر ڪمرشل جي هڪ فليٽ مان هڪ کدڙي فقير جو لاش پکي ۾ لٽڪيل حالت ۾ مليو آهي. ايس ايڇ او شاهد تاج موجب 24 سالن جي عبيحه نالي کدڙي جو تعلق خيبرپختونخوا سان آهي ۽ بظاهر خودڪشي لڳي رهي آهي پر پوليس مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي. پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو آهي.










