خود ڪشي، ڊفينس مان نوجوان کدڙي فقير جو لاش هٿ

خود ڪشي، ڊفينس مان نوجوان کدڙي فقير جو لاش هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) درخشان ٿاڻي جي حد ڊفينس جي بدر ڪمرشل جي هڪ فليٽ مان هڪ کدڙي فقير جو لاش پکي ۾ لٽڪيل حالت ۾ مليو آهي. ايس ايڇ او شاهد تاج موجب 24 سالن جي عبيحه نالي کدڙي جو تعلق خيبرپختونخوا سان آهي ۽ بظاهر خودڪشي لڳي رهي آهي پر پوليس مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي. پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو