خبردار! هوشيار!

خبردار! هوشيار!

تحرير اعجاز علي سوڍر

هر انسان پنهنجي تعريف جو بکيو هوندو آهي. هر انسان کي پنهنجي تعريف ٻڌڻ تمام گھڻو پسند هوندي آهي. سندس شانَ ۾ چيل ڪلمات ۽ قصيدا ٻُڌي کيس دِلي سُڪون ملندو آهي. اهي الفاظ سندس ڪنن ۾ مٺي رَسُ وجھندا آهن. حالانڪه کيس چڱيءَ ريت اها خبر هوندي آهي ته پاڻ انهيءَ تعريف جي بلڪل به قابل نه آهي مگر انساني فطرت جو تقاضو آهي ته هو پنهنجي تعريف کي پسند ڪندو آهي، جنهن ڪري اهي الفاظ کيس تمام گھڻو سُرور ڏيندا آهن. هر انسان پنهنجي پِرڪارن کان چڱيءَ ريت واقف هوندو آهي. ڪجھه ماڻهو اها ڊاڙ هڻندا آهن ته “مان فلاڻي ماڻهوءَ کي ايترو سڃاڻان ٿو جيترو هو پاڻ به خود کي ڪونه ٿو سڃاڻي.” اها ڳالھه بلڪل صحيح نه هوندي آهي. انسان جيترو پنهنجو پاڻ کان واقف هوندو آهي، ايترو ٻيو ڪوبه شخص کانئس واقف نه هوندو آهي. هر انسان پنهنجي ڪردار، پنهنجي محنت، پنهنجي عظمت، پنهنجي ڏاڍ، پنهنجي جِبر، پنهنجي ڪمزوري، پنهنجي سُٺائي، پنهنجي بُرائي، پنهنجي چاهت، پنهنجي ڀلائي ۽ پنهنجو حقير هجڻ خوب ڄاڻيندو آهي پر جڏهن ٻين جي واتان پنهنجي ڪُوڙي تعريف ٻڌندو آهي ته سندس دل للچائيندي آهي ته هوند اڃان ويٺو سندس تعريف ڪري. ايئن به هرگز نه آهي ته سڀ انسان تعريف جي لائق ئي نه هوندا آهن، بلڪه ڪجھه شخصيتون واقعي قابل تعريف هونديون آهن. اها الڳ ڳالھه آهي ته تعريف ڪندڙ تعريف ۾ وڌاءُ ضرور ڪندو آهي ۽ ڪجھه اهڙيون شخصيتون به جنم وٺنديون آهن جن جي تعريف جو حق ادا نه ٿي سگھندو آهي. باقي ڪُوڙي خوشامند خاطر ٿيل تعريف تي انسان پنهنجو پاڻ کي اُتم ۽ اعلى سمجھڻ جي بيوقوفي ڪري ويهندو آهي. ڪُوڙي خوشامندي تعريف واري جي وات ۾ مٽي وجھڻ جو حڪم اسان جي رسول ﷺ طرفان ٿيل آهي. جن شخصيتن جي ڪُوڙي خوشامندي تعريف ڪئي ويندي آهي انهن لاءِ هڪ مثال تمام پراڻي دور کان وٺي ٻڌندا ايندا آهيون ته “هڪ همراھه وٽ گڏھه هوندو هو. گڏھه صفا ڪو گوهِيرو هوندو هئس. چوندا آهن ته “سوٽِي هجي ساڻ ته گڏھه گوهي نه ڪري” پر اهو گڏھه ته سوٽِيءَ سان به سڌرڻ وارو ڪونه هو. ڪم ڪار وقت اهڙي گھيٻي هڻي ويهندو هو جو ڪم کان صفا آنگوٺو هوندو هئس. سو ان همراھه اهو گڏھه وڪڻڻ چاهيو. جڏهن گڏھه ڪاهي پِڙيءَ تي پهتو ته اهو گڏھه کانئس ڪير به خريد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. هڪ دلال اچي سندس پاسو ورتو. کيس چوڻ لڳو ته گڏھه ڪيتري ۾ وڪڻندي؟ همراھه جواب ڏنس ته ادا بس مڙئي پنجاھه روپين ۾ کپي ويو ته به مون لاءِ بهتر ٿيندو. دلال چيس ته اگر مان تنهنجو هي گڏھه سؤ روپين ۾ کپايان ته مون کي ڏھه روپيه ڪميشن ڏيندي؟ ان همراھه سوچيو ته مان هن گڏھه منجھان هونئن ئي تنگ آهيان. جيڪو گڏھه پنجاھه روپين ۾ به نه ٿو وڪجي اگر ان جا مون کي هن دلال کي ڏھه روپيه ڪميشن ڏيڻ جي بدلي ۾ سؤ روپيه ملي پون ته هوند تمام سُٺو ڪم ٿي پوندو. سو ڏھه روپيه ڪميشن تي راضي ٿي گڏھه دلال جي حوالي ڪيائين. دلال ان گڏھه کي وڪڻڻ لاءِ اچي گڏھه جون خوبيون بيان ڪرڻ شروع ڪيون ته هي گڏھه تمام سُٺو آهي. ڪيترو به بار رکجيس اهو کڻي ڏاڍو ڦڙت ٿي هلندو آهي. هلڻ ۾ گھوڙي کي به ماري ويندو وغيره. دلال پنهنجي ڪميشن جي لالچ ۾ اچي ان گڏھه جي ايتري ته تعريف ڪئي جو ان گڏھه کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪافي ماڻهو جمع ٿي ويا. ان همراھه جو پنهنجي گڏھه جي تعريف ان دلال جي واتان ٻُڌي ته پاسو وٺي کيس چوڻ لڳو ته ادا منهنجو گڏھه ايترو ڀلو آهي سو مان گڏھه ڪونه ٿو کپايان. سندس اها ڳالھه ٻڌي خريدار واپس موٽي ويا. ان تي ان دلال کيس چيو ته او چوتيا! هي تنهنجو گڏھه آهي. تو وٽ پيدا ٿيو. پيدا ٿيڻ کان وٺي تون هن جي هر ڳالھه کان واقف آهين. تنهنجو گڏھه صفا نڪمو آهي. مون مڙئي پنهنجي ڪميشن جي خاطر ڪُوڙي تعريف ڪري گڏھه وڪڻڻ ٿي چاهيو. تون به منهنجي چڪر ۾ اچي وئين. وٺ پنهنجو گڏھه، دفع ٿي وڃ.” سو ڪُوڙي تعريف ٻُڌڻ وارا به پنهنجو پاڻ کان چڱيءَ ريت واقف هوندي به اهڙا الفاظ ٻُڌڻ جا خواهان رهندا آهن. ڪجھه ڪُوڙين تعريفن ڪرڻ وارن جا پنهنجا مفاد هوندا آهن جيڪي هو انهيءَ ڪُوڙي خوشامندي تعريف ذريعي منجھانئس ڪڍڻ چاهيندا آهن. قلم ڌڻي به جڏهن ڪنهن جي باري ۾ لکندا آهن ته اهڙا ته مساله هڻي قلم کي هلائيندا آهن جو اهو ماڻهو پنهنجي باري ۾ لکيل پڙهي پيو پاڻ ئي شرمنده ٿيندو آهي. قلم ڌڻي وڌاءُ ڪرڻ خوب ڄاڻيندا آهن. سو اهڙو ته مضمون ٺاهي لکندا آهن جو پڙهڻ وارو سمجھندو آهي ته شايد هي فرشتو هو پر انسان جي روپ ۾ جنم وٺي چڪو آهي. ايئن ڪرڻ سان لکڻ واري جا به ٻه مقصد هوندا آهن. هڪ ته اهو مقصد هوندو آهي ته سڀاڻي کائنس ڪو مفاد حاصل ڪري وٺبو ۽ ٻيو مقصد اهو به هوندو آهي ته اهو شخص پنهنجي باري ۾ اهو تعريفي مضمون پڙهي مَن اهو سوچي ته مان اهڙو ڀلو ته آهيان ڪونه، پر ماڻهو منهنجي باري ۾ اهڙو سُٺو گمان رکن ٿا ته مان انهن جي سوچ جيان پاڻ کي ڀلو بنائڻ جي ڪوشش ڪريان. هر انسان کي گھرجي ته اهڙن چاپلوس ۽ خوشامندي تعريف ڪندڙن کان هوشيار رهن. هي اهڙا ته قابل هوندا آهن جو ماڻهوءَ جي اهڙي ته تعريف ڪندا آهن جو اهو ماڻهو پنهنجي تعريف ٻُڌي پنهنجو سڀ ڪجھه مٿن لُٽائڻ لاءِ راضي ٿي پوندو آهي. باقي قلم ڌڻين کي به بيجا ۽ فضول تعريف ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. هر شخصيت جا ٻه پهلو هوندا آهن. هڪ منفِي ۽ ٻيو مُثبت. قلم ڌڻي پنهنجي قلم ذريعي ايندڙ نسل تائين اهو پيغام پهچائڻ جي سَعِي ۾ هوندا آهن. ظاهر ڳالھه آهي ته ڪنهن جا منفي پهلو لکڻ ايترو آسان به ڪونه هوندا آهن بلڪه اهو جانِ جوکي ۾ رکڻ وارو ڪم هوندو آهي. ايندڙ نسل کي مثبت پيغام ئي ڏبو آهي، جنهن ڪري قلم ڌڻي هر شخصيت جا مثبت پهلو ئي کڻندا آهن. سو انهن جي تعريف ڪرڻ ڪنهن حد تائين جائز هوندي آهي. وري قلم ڌڻين جي پنهنجي نظر هوندي آهي، هر انسان جا حامي ۽ مخالف به ضرور هوندا آهن. قلم ڌڻي جنهن شخصيت کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جا جتن ڪندو آهي ته ان لاءِ به لازمي آهي ته هو اهي ئي شخصيتون پنهنجي قلم جي نوڪ تي آڻيندو جن جو هو پاڻ حامي هوندو آهي. ڪُوڙي خوشامندي تعريف انسان کي بگاڙي ڇڏيندي آهي. هو پاڻ کي انهيءَ تعريف لائق سمجھڻ جي غلطي ڪري ويهندو آهي ۽ اهڙن خوشامندي تعريف ڪرڻ وارن جي سامهون بيوقوف بڻجي ويندو آهي. انهيءَ ڪري هر انسان پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسي ته ڇا مان واقعي انهيءَ ايتري تعريف جي لائق آهيان؟ جي اگر ضمير ان ڳالھه تي راضي رهي ته فَبِها ۽ اگر ضمير به ملامت ڪري ته پوءِ پاڻ کي انهيءَ تعريف جي قابل بنائڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ ڪاميابي ملي سگھي.

پهنجو تبصرو موڪليو