اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي هر خاندان لاءِ 50 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي.قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته رياست گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي مدد لاءِ غير معمولي ۽ تاريخي فيصلو ڪيو آهي.اعظم نذير تارڙ چيو ته هو 5 سالن کان گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. گم ٿيل ماڻهن جي هر خاندان کي 50 لک رپيا امداد ڏني ويندي.هن چيو ته وفاقي ڪابينا گرانٽ جي منظوري ڏني آهي، اهو رياست جو مخلصاڻو رويو آهي، ڪوشش آهي ته متاثر خاندانن جي ڏکيائين کي گهٽ ڪري سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي پويان ڪيترائي ۽ پيچيده سبب آهن. رياست ماءُ جهڙي هوندي آهي، حڪومت اڄ ٻيهر ثابت ٿي چڪي آهي. خوفناڪ الزامن جي باوجود رياست ۽ ادارن جو اهو هڪ مخلصانه ۽ قابل تحسين قدم آهي پاڪستان ۾ هر شهري جي جان جو تقدس ۽ تحفظ ضروري آهي.










