اسلام آباد( بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج عظمت سعيد بني گالا، ڪورنگ نالي ۾ غير قانوني حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ 10 لک روپيه به ناهن ته ڊي چوڪ تي چندو گڏ ڪري. خميس تي عدالت گندو پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اسلام آباد جي ماسٽر پلان ۾ تبديلي جون تجويزون به طلب ڪري ورتيون آهن. سماعت دوران جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڪورنگ نالي تي لڳندڙ ٽريٽمينٽ پلانٽس لاءِ ڪيترو عرصو گهربل هوندو، سرڪاري وڪيل چيو ته ٽن ٽريٽمينٽس پلانٽس جي منظوري ڏني وئي آهي ٻن سالن ۾ لڳي ويندا. عدالت چيو ته مطلب ٻن سالن تائين حڪومت راولپنڊي وارن کي گندو پاڻي پياريندي، حڪومت ڪورنگ نالي جي ڀرپاسي آبادي ٺهڻ ئي ڇو ڏني، حڪومت ته غير قانوني آبادي ختم ڪرڻ جي معاملي تي بيوسي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته قانون تي عمل ٿئي ته آبادي کي هٽائڻ گهرجي، 10، 10 لک رپيا لڳائي وقتي طور پاڻي جي صفائي جو ڪم ڪري سگهجي ٿو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ پنج ڏهه لک به نه آهن ته ڊي چوڪ وٽ چندو گڏ ڪري.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل