حڪومت وٽ 10 لک به ناهن ته چندو ڪري،عدالت

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج عظمت سعيد بني گالا، ڪورنگ نالي ۾ غير قانوني حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ 10 لک روپيه به ناهن ته ڊي چوڪ تي چندو گڏ ڪري. خميس تي عدالت گندو پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اسلام آباد جي ماسٽر پلان ۾ تبديلي جون تجويزون به طلب ڪري ورتيون آهن. سماعت دوران جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڪورنگ نالي تي لڳندڙ ٽريٽمينٽ پلانٽس لاءِ ڪيترو عرصو گهربل هوندو، سرڪاري وڪيل چيو ته ٽن ٽريٽمينٽس پلانٽس جي منظوري ڏني وئي آهي ٻن سالن ۾ لڳي ويندا. عدالت چيو ته مطلب ٻن سالن تائين حڪومت راولپنڊي وارن کي گندو پاڻي پياريندي، حڪومت ڪورنگ نالي جي ڀرپاسي آبادي ٺهڻ ئي ڇو ڏني، حڪومت ته غير قانوني آبادي ختم ڪرڻ جي معاملي تي بيوسي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته قانون تي عمل ٿئي ته آبادي کي هٽائڻ گهرجي، 10، 10 لک رپيا لڳائي وقتي طور پاڻي جي صفائي جو ڪم ڪري سگهجي ٿو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ پنج ڏهه لک به نه آهن ته ڊي چوڪ وٽ چندو گڏ ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو