ڊيانا ڪيس:  ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدار ٻيهر گرفتار

ڊيانا ڪيس: ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدار ٻيهر گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) سي سي ڊي پرڏيهي عورت ڊيانا سان مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد جوابدار احمد تنوير کي لاهور جي عدالت مان تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.سيشن ڪورٽ ۾ پرڏيهي عورت ڊيانا سان مبينا زيادتي ڪيس ۾ نامزد جوابدار احمد تنوير جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻيءَ دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جاچ ۾ شامل نه ٿي رهيو آهي.عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار کي ڪورٽ روم ۾ ئي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پرڏيهي عورت چيو آهي ته تنوير اهو شخص ناهي، جنهن خلاف هن الزام لڳايو هو. عدالت جوابدار جي عبوري ضمانت ۾ 27 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.ٻئي طرف، عدالت جي احاطي ۾ پوليس ۽ جوابدار جي ساٿين وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ۽ ڌڪا ڌڪي پڻ ٿي. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ هٿين پوڻ جو واقعو پيش آيو. پوليس جوابدار جي ساٿين کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.هوڏانهن متاثر عورت ڊيانا پنهنجي نئين وڊيو بيان ۽ سفارتخاني ذريعي موڪليل دستاويز ۾ جوابدار احمد تنوير کي بيگناهه قرار ڏيندي چيو آهي ته ساڻس ٿيل مبينا زيادتيءَ ۾ احمد تنوير جو ڪو به ڪردار ناهي.ڊيانا موجب هن پهريون بيان دٻاءَ هيٺ ڏنو هو. هوءَ عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان ڏيڻ چاهيندي هئي، پر کيس ٻڌايو ويو ته سندس جان کي خطرو آهي ۽ کيس زبردستي پاڪستان مان موڪليو ويو.هن چيو ته هوءَ جوابدار محسن ۽ عزير کي پڻ معاف ڪري ٿي ۽ معاملي کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ نٿي چاهي.ٻئي طرف ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن لاهور سيد ذيشان رضا چيو آهي ته پرڏيهي عورت سان مبينا زيادتي ڪيس ۾ سوشل ميڊيا تي متاثر عورت جو بيان رڪارڊ ڪرائي جاچ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته متاثر عورت جو بيان اڳ ئي قلم 164 تحت عدالت ۾ رڪارڊ ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو