اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پوليو جا ڦڙا پياريندڙ اسٽاف تي حملن بعد پوري ملڪ ۾ اڄ کان پوليو مهم اڻ ڄاتل مدي تائين بند ڪئي وئي آهي. اهڙو اعلان اسلام آباد ۾ نيشنل ايمرجنسي آپريش سينٽر پاران ڪيو ويو آهي. وفاق ۽ چئني صوبائي حڪومتن، ڪشمير ۽ گلگت اختارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو فوري طور مهم بند ڪن. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ 2 لک 70 هزار عملي جي حفاظت ضروري آهي ۽ اهڙو فيصلو عالمي پارٽنرز سان مشوارت بعد اتفاق راءِ سان ڪيو ويو آهي. 22 اپريل کان شروع ڪيل مهم دوران پشاور واقعي سبب بند ڪئي وئي آهي، جنهن دوران مشتعل هجوم سرڪاري اسپتال تباه ڪري ڇڏي هئي. هن مهم دوران ملڪ جي چار ڪروڙ ٻارن کي ڦڙا پيارڻا هئا پر والدين جي انڪار ۽ ٻين سببن جي ڪري لکين ٻار رهجي ويا آهن. پنجاب ۾ 7 لک ٻار ڦڙن پيارڻ کان رهجي ويا. ياد رهي ته پشاور جي هڪ اسڪول ۾ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ دوران ڪجهه ٻارن جي طبيعت خراب ٿيڻ جو خبرون آيون پر پوليو مخالف مذهبي ڌرين ۽ ٻين سوين ٻارن جي فوت ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون ڦهلائي پروگرام کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بعد ۾ ڪٿان به ڪنهن ٻار جي فوتگي جو ڪو اطلاع نه مليو ۽ پشاورليڊي ريڊنگ ڊاڪٽرز اهو چيو ته ڦڙا پيتل ٻار جيڪي اسپتال آندا ويا انهن تي نفسياتي اثر هو بيمار نه هئا. ان جي باوجود به ايف آءِ اي يا پيمرا سميت ڪنهن به حڪومتي اداري انساني زندگين سان کلواڙ ڪندڙن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي باقي صحافين خلاف رڳو جائز تنقيد تي به ڪاروائي ۾ دير ئي نٿا ڪن.
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
پوليو ويڪسين بلڪل خراب آھي منھنجي ننڍڙي پٽ کي بہ ريڪشن ٿيو آھي