جيمز بانڊ حقيقي معنيٰ ۾ برطانوي جاسوس هو

ڪراچي(ويب ديسڪ) هالي ووڊ فلم جو مشهور ڪردار جيمز بانڊ بابت تازي پڌرو ٿيل دستاويزن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته جيمز بانڊ حقيقي طور تي برطانيه جو جاسوس هو. هو 1964 کان 1965 تائين پولينڊ ۾ ملٽري اتاشي طور ڪم ڪندو رهيو. 1962 پهريون ڀيرو جيمز بانڊ سيريز ۾ اداڪار سين ڪونري اهو ڪردار ادا ڪيو هو. پولينڊ جي انسٽيٽيوٽ آف رميمبرنس جاري ڪيل دستاويز ۾ ٻڌايو آهي ته جيمز بانڊ برطانوي جاسوس هو. جيڪو پولينڊ جي فوجي تنصيبات بابت معلومات حاصل ڪرڻ چاهي پيو ۽ پولينڊي جي سيڪرٽ سروس کي ان بابت خبر پئجي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو