جوهي تعلقي جا لنڪ روڊ تباهه، عوام پريشان، ڪرپشن جي جاچ جو مطالبو

ڊرگھه بالا (رپورٽ: جي ايم لنڊ) تعلقي جوھي ڪاڇي وارن شھرن جي روڊن جي حالت خراب، جوھي کان حاجي خان، حاجي خان ڊرگھه بالا کان  ويندڙ روڊ، ھئيروخان کان شادڻ، ٿرڙي کان قصبو، جلباڻي لغآري کان ٽٻائي لنڊ،  ٽٻائي لنڊ کان مٺو لنڊروڊ، ڊرگھه بالا کان گاج بنگلو روڊ سميت ڪيترن ئي روڊن جي حالت خراب هئڻ ڪري رهواسي عذاب ۾ مبتلا آهن. ٺيڪيدارن ڪيترن ئي روڊن تي صرف پٿر اڇلائي عوام جي اهنجن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب جوھي کان حآجي خان  کان ڊرگھه بالا ويندڙ روڊ سورنھن  سالن کان مرمت  جي انتظار ۾ آهي، جنهن لاءِ ڪيترائي ڀيرا ٽينڊر ٿيا پر ٺيڪيدارن چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان نالي ماتر ڪم ڪرائي ڪروڙين روپيا ڪڍرائي ورتا. ھئيروخان شآدڻ روڊ جي حالت پڻ ساڳي آهي، جنهن جا پڻ ڪيترائي ڀيرا ٺيڪا ٿيا پر ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو. ڊرگھه بالا کان گاج بنگلو ڏانهن ويندڙ روڊ صرف هڪ ڪلو ميٽر ٺاهيو ويو، ڊرگھه بالا بھاول ٻٻر لنڪ روڊ, ۽ ڪنڊو ٻٻرروڊ سان گڏ ٽٻائي لنڊ، مٺو لنڊ شڪلاڻي لنڪ روڊ، سميت ٻين روڊن جي حالت پڻ انتهائي خراب آهي. هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته تعلقي  جوھي جي روڊن جي حالت انتهائي خراب آهي، ٺيڪيدارن عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي آهي، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ڳوٺ غلام نبي لنڊ جي رهواسي علي شير۽ ٻين  موجب اسان جي ڳوٺ تائين روڊ لاءِ ٽي ڪروڙ رکيا، وري ٽي ڪروڙ ٻيا به رکيا ويا پر ٺيڪيدار صرف هڪ ڪلو ميٽر روڊ ٺهرايو ان ۾ به ناقص ڪم ڪيو ويو. هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ڊي سي دادو۽ روڊس کاتي جي عملدارن ڏانهن وڃي ٿڪي پيا آهيون پر ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي. رهواسين گهر ڪئي آهي ته تعلقي  جوھي جا ڪاڇي جا تباهه حال ٿيل روڊ ٺهرايا وڃن ۽ ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدارن توڙي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن روڊس انجئينر ۽ پراونشنل انجنئير  ايس ڊي او روڊس آفيس ۾ موجود نه هو، جڏهن ته سندس فون نمبر پڻ بند پيل هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو