جهموريت جا عالمي ٺيڪيدار ۽ گڏيل قومن جو ادارو

طفيل مگسي
ڪڏھن ائين محسوس ٿيئي ٿو ته مغرب جو ڪم پاڻ پنهنجن کي ۽ ٻين کي به بيوقوف بنائڻ ۽ ڌوڪو ڏيڻ کانوسواء ڪجه به ناهي.جهموريت ڇا آھي؟ڪجه گڏھن جي مٿان پيل آٿرن جيان عقلمند دانشورن تي ڊڪيٽرشپ جو نالو آھي.علم.جا ماهر چون ٿا ۽ هن وقت ته عام به خاص طور تي هندستان جا مسلمانن به ان فراڊ کي سمجهڻ لڳا آھن.جهموريت هڪ ڌوڪي کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي ۽ اهو ته اهڙو زمانو آھي ته جڏھن ٽين دنيا جا ملڪ ڇا اڳ جي دنيا جي ملڪن ۾ به ايستائين ته امريڪا ۾ به چونڊون( ) ٿيڻ لڳيون آھن.۽ اهو سڀ ان وقت تائين ٿيندو رهندو.جيستائين عوام پنهنجي بيداري پنهنجي شعور جو ثبوت ڏيڻ جي لاء ڳالهين ڪرڻ کان اڳتي وڌي ڪري پنهنجو ڪردار ادا نٿو ڪري.ٻي جنگ عظيم سيپٽمبر 1939ع کان وٺي ڪري سيپٽمبر 1945ع تائين هلي.جنهن ۾ يورپ.ايشيا ۽ امريڪا جي ڪافي ملڪن حصو ورتو.۽ انهيء جنگ برطانيه کان سندس جو سپر پاور وارو رتبو کسي ورتو يعني ان جنگ برطابيه کي هر لحاظ کان کوکلو ڪري ڇڏيو.اهوئي سبب هو ته هو پنهنجين ڪالونين کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿيو.ان جنگ امريڪا ۽ روس کي ٻه سپر طاقت بڻائي ڪري کڙو ڪري ڇڏيو.۽ ان کان سرد جنگ جي شروعات ٿي.هتان کان ئي جنگ عظيم جي فاتحن بلڪ فاتحن جي آڙ ۾ صيهوني طاقتون ٽين دنيا جي جي خلاف جنگ ۾ اڪثريت مسلمان ملڪن جي هئي.پنهنجين سازشن جي شروعات ڪري ڇڏي.۽ جيڪي ڪجه به هنن پنهنجي( )۾ طئي ڪيو هو.ان کي ستت ويس پارائڻ شروع ڪيو.حالانڪ ( )نالي اهو ڪتاب 1903ع ۾ ڇپجي چڪو هو.مگر غلامي حريت.فڪر و عمل کسي ڇڏيندي آھي.۽ غلامن کي غلامي ۾ جيڪو لطف ايندو آھي اهو انهن کي آزادي جو دشمن بڻائي ڇڏي ٿو.سگه.فڪر ۽ عمل جي فنا ٿيڻ کانپوء صرف مسلمانن جي شوڪت کي زوال نه آيو بلڪ اهو حادثو مسلمانن کان پهرين عيسائين تي به گذريو.ٻئي عظيم.جنگيون سگه.فڪر ۽ عمل جي فنا ٿيڻ جو نتيجو هيون.بهرحال ان آخري عالمي جنگ عظيم جي ڪک کان دنيا کي برباد ڪرڻ وارن وري هڪ ادارو ڳولي ورتو ته جيئن دنيا کي بيوقوف بڻائي سگهجي.پروٽوڪولز ۾ طئي ٿيل منصوبابندي جي مطابق عالمي اقتدار جي منزل جي حاصلات ڏانهن واڌائي سگهجي.ان اداري جو نالو گڏيل قومن جو ادارو رکيو ويو.50ملڪن جي نمائندن 1948ع ۾ سان فرانسسڪو جي هڪ ڪانفرنس ۾ ھڪ بين الاقوامي اداري جي قيام تي اتفاق ڪيو.ان جي منشور يا چارٽر کي مرتب ڪيو ويو.ان جي قيام جو مقصد اچڻ وارن نسلن کي جنگين کان محفوظ رکڻ ھو.ان جا ٽي عضووا ۽ ڪافي ٻيون شاخون پڻ آھن.
جنرل اسيمبلي=جنهن ۾ سمورا ميمبر ملڪ هونداآھن.جنهن اسيمبلي ۾ هر ميمبر ملڪ وڌ کان وڌ پنج نمائندا موڪلي سگهي ٿو.مگر ووٽ صرف هڪ ئي ڳڻيو ويندو آھي.
سلامتي ڪائونسل=چوڻ جي لاء ته اهو گڏيل قومن جي اداري جو سڀ کان اهم عضوو آھي.جنهن جا ٽوٽل 15ميمبر هوندا آھن.مگر سڀ ڪجه اهي پنج مستقل ميمبر آھن.جيڪي ڪڏھن نٿا بدلجن يعني امريڪا.روس فرانس .برطانيه ۽ چين ۽ انهن کي ڪنهن به مامري کي رد ڪرڻ يا ويٽو ڪرڻ جو حق حاصل آھي.جڏھن ته باقي ڏھ ميمبر هر ٻن سالن ۾ بدلايا ويندا آھن ۽ انهن ڏھن ميمبرن ۾ به وڏين طاقتن جي اها ڪوشش هوندي آھي ته انهن جا چمچا ئي ميمبر بڻجن.پوء اهي غلام ميمبر بنجڻ کانپوء ائين ٿينفٽپا ڏين ٿا.ڄڻ کين کي دنيا جهان جي نعمت حاصل ٿي وئي.۽ اهو ڪهه غلط به ناهي.آقا جي خدمت جو موقعو ميسر ٿيئي ٿو.جيتوڻيڪ گذريل صدي کان دنيا وڏي جهموري ٿي وئي آھي.عظيم جنگين کانپوء ته جهڙي ريت ميڊيا جي سهاري تي هٽلر کي هيرو کان ولين بڻايو ويو.ساڳئيء ريت ميڊيا جي معرفت جهموريت جو اهڙو دهل وڄايو ويو ته ڪنن جا پردا ڦاٽي پيا.
ان جي باوجود جهموريت جي انهن ٺيڪيدارن کي 50\55مسلم ملڪ يا دنيا جي چوٿين مسلم آبادي نظر نه آئي ته ان جي هڪ نمائندي کي به حق ڏنو وڃي ها.سعودي عرب ۽ ايران ته انهن جا چمچا هئا.انهن کي ئد ويٽو پاور ڏئي ڇڏين ها.آمريت ته روس ۽ چين ۾ به آھي.۽ سعودي عرب ۽ اييران ۾ ھئي گه انهن کي ٿسليم نه ڪرڻو هو.نه ميمبر بنائڻو هو ته انهن کان انهن کان چندو وٺڻو هو.مگر ٻٽو معيار انهن قون جي رڳ رڳ ۾ شامل آھي.انهن جون صفتون بيشمار آھن.ڇاڪاڻ ته اهي ٻٽي معدار جا آھن.ڪوڙا آھن.مڪار آھن.۽ بزدل آھن اهائي دنيا جي غلاماڻي ذھنيت ڏسو ته انهن ماڻھن انهن صفت وارين ماڻھن کي زمين جو چوڌري بڻائي رکيو آھي. اقوام متحده جو وجود رکڻ وارن جو پهرين ڏينهن کان مقصد هڪ عالمي نظام قائم.ڪرڻو هو ۽ ڪا قوم.انهن جي دشمن ٿي پيئي سگهي هئي ته اهي مسلمان هئا.جن وٽ خلافت جي شڪل ۾ هڪ عالمي نظام چند سال اڳ تائين ملجود هو ان ڪري پهرين ڏينهن کان کان ئي ان عالمي نظام جو مقصد مسلمانن کي نقصان پهچائڻ ھو.اچو ته هڪ نظر ان جي ڪارڪردگي تي به وجهون .ان جي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين اڍائي سو کان وڌيڪ جنگيون ٿي چڪيون آھن.يعني اهو ادارو پنهنجي بنيادي مقصد ۾ ناڪام رهيو آھي.امريڪا چوڌري جيڪو گڏيل قومن جو سڀ کان وڏو چوڌري آھي.جيڪو ڪيتريون ئي بيگناه جنگيون وڙھي چڪو آھي.جن ۾ لکين انسان موت جو کاڄ ٻڻ بڻجي ويا.۽ گڏيل قومون جو ادارو هر ڀيري ان سان گڏ ٿي وڃي ٿو۽ نالي ماتر مذمت ڪري ٿو.هي به چيو وڃي ٿو ته ان تنظيم جي قيام ٿيڻ کانپوء جيڪڏھن ٽين عالمي جنگ ناهي ٿي ته ان جو سبب ان تنظيم جي ڪارڪردگي ناهي بلڪ ايٽم بمن جو خوف آھي۽ اسان چئون ٿا ته ڇا افغانستان.امريڪا جنگ عالمي جنگ نه هئي.جنهن ۾ سڄي دنيا ته شريڪ هئي.ها سموري دنيا فاتح نه بڻجي سگهي ته ڇا ان ڪري ان کي عالمي جنگ نه سڏيو وڃي ته پوء ڪنهن کي چئجي؟ايترا سمورا ملڪ ته گذريل ٻن عظيم جنگين ۾ به شريڪ نه هئا.اقوام متحده جون بيشمار ناڪاميون آھن.۽ انهن ناڪامين جي پٺيان اهي پنج مستقل ميمبر آھن.جن وٽ ويٽو پاور آھي.مٽلا ٻيٽ جهڙي ڪوريا جي جنگ.ويٽنام جي جنگ .عراق ادران جي جنگ.افغانستان جون جنگيون ۽ ٻيون بيشمار جنگيون آھن.جيڪي ڪنهن نه ڪنهن پاور رکڻ وارن ملڪن جي مفادن جي سبب کان ٿيون.ته پوء اقوام متحده جي ڪارڪردگي ڪهڙي رهي؟وڏي شاندار رهي.انهن جنگين جي متاثرن جي بعد ۾ آبادڪاري ۾ به سندن ئي مفاد هوندو آھي.اقوام متحده وٽ ھڪ فوج به آھي.جيڪا اتي مقرر ڪئي ويندي آھي.جتي ڪنهن وڏي طاقت کي ان جي ضرورت هوندي آھي.هونئن اها فوج ڪنهن کي ماري نٿي بلڪ پاڻ ئي مرندي رهي ٿي.ان ڪري هن کي غزه ۾ مقرر نٿو ڪيو وڃي.ڇاڪاڻ ته اسرائيل مجاهدن کي مارڻ کان ته رهيا.اهي پنهنجي ڪاوڙ اقوام متحده جي فوجين تي ڪڍندا.اهو به ان صورت ۾ جڏھن اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جناب انٽويو گوترس خبر ناهي ڪهڙي ڌن ۾ چئي وڌو هو ته حماس جو حملو خلا ۾ نه ٿدو هو.يعني حماس جو عمل ته ردعمل هو.سوچيو ته ڪيتريون مرچيون لڳيون هونديون امريڪا بهادر پٽ نيتن ياهو کي.ان ڪري ته هن گوتريس جي استعيفي جي ڊمانڊ ڪئي،مگر دنيا جي ڪنهن اڳواڻ کي اها همت نٿي ته نيتن ياهو کي منهن ٽوڙ جواب ڏيئي ها.هن کان اڳ به اسان چئي چڪا آھيون ته اقوام متحده يهودين جو( ) آھي.جنهن کي مسلمانن جي عالمي نظام يا خلافت جي نظام جي مقابلي ۾ ھڪ عالمي نظام جي طور تي وبود ۾ آندو ويو آھي.اوڀر تيمور 1967ع ۾ انڊونيشا جو حصو بڻيو.هن جي اڪثريتي آبادي عيسائي هئي.سوڊان جي آمر جرنل عمر البشر کي دٻاء ۾ آڻڻ جي لاء ڪيتريون ئي رانديون کيڏيون ويون ۽ تنگ اچي ڪري ان کي جبري ٽوڙيو ويو.مگر اهائي اقوام متحده ڪشمير ۽ فلسطين جي مامرن ۾ مني صدي کان چوڙيون پايون ۽ ھٿن کي ميندي هنيون ويٺو آھي.اقوام متحده جي پنجن ٺيڪيدارن فلسطينين کي دٻائي رکيو ۽ اسرائيل کي ظلم ڪرڻ ۾ هرقسم جي مدد ڪئي.حالانڪ امريڪي صدر جان ايف ڪينڊي اقتدار ۾ ايندي ئي اسرائيي ايٽمي پروگرام جي پٺيان پئجي ويو ۽ انهيء جي لاء 22نومبر 1963ع ۾ کيس کي ان پاداش ۾ قتل پڻ ڪيو ويو..

پهنجو تبصرو موڪليو