جنسي زيادتي: ايس ايس پيءَ پاران ڪارروائي جي هدايت

دادو (ادل مهيسر) ايس ايس پي دادوءَ جوهي شهر جي بيواهه سان سهري پاران مبينا طور تي جنسي زيادتي ڪرڻ واري خبر جو نوٽيس وٺندي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. دادو پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ رضا روزاني سنڌيار ۾ شايع ٿيل خبر جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او جوهيءَ کي هدايت ڪئي آهي ته ڄاڻايل معاملي بابت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثره عورت کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. واضح رهي ته بيواهه عورت “ھ – ر” سهري مٿان الزام مڙهيو آهي ته سندس سھرو ساڻس زبردستي جنسي زيادتي ڪندو رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو