جعلي ڀرتي ڪيل 27 ٽائون ملازم برطرف، ڪيس جو حڪم

ڏيپلو(فرمان بجير) سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ٽائون ڪاميٽي ڏيپلو ۾ اڇي  ڪاري جو مالڪ بڻيل ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڪلارڪ سميت 27 ملازمن جا آرڊر جعلي قرار ڏئي کين  نوڪري مان برطرف ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. لوڪل گورنمينٽ سنڌ جي سيڪشن آفيسر علي گل جلباڻي جي صحيح سان جاري ڪيل ليٽر ۾  ٽاؤن آفيسر ڏيپلو کي اهڙو حڪم جاري ڪيو  ويو آهي.  جن ملازمن کي برخرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي تن ۾ ٽاؤن ڪاميٽي ڏيپلو جو ڪرتا ڌرتا بڻيل ڪرپشن ۽ ڪوڙن بلن جو ماهر ڪمپيوٽر آپريٽر، پٽيوالا، چوڪيدار، ڊرائيور، ڪلارڪ ۽ ٻيا ملازم شامل آهن۔  جيڪي ڪافي سالن کان ٽاؤن ڪاميٽي ڏيپلو  ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اھڙو ليٽر ٽائون ڪاميٽي ڏيپلو ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر  زاھد کٽي ۽ رياض پڃارو کي ملڻ تي گم ڪيو ويو  آهي. ليڪن سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوء ٽي ايم او پڇاڻو ڪندي ليٽر ظاھر ڪرايو . جنهن بعد جعلي ملازمن ۾ ٿرٿلو متل آهي ۽ پاڻ کي بچائڻ لا۽ سياسي ماڻهن وٽ پهتل آهن. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جعلي ملازم لکين روپيا ڀري آرڊر وٺي آيا هئا جيڪي جعلي نڪتا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو