”جج ويڊيو اسڪينڊل“ ۾ ناصر جنجوعه سميت 3 ملزم گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سائبر ڪرائيم بابت عدالت جي جج طاهر محمود پاران ويڊيو اسڪينڊل جي مک جوابدار ناصر جنجوعه سميت ٽن ملزمن جون ضمانت واريون درخواستون رد ٿيڻ بعد ايف آءِ اي وارن کين گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل ٻن ٻين ملزمن ۾ خرم يوسف ۽ غلام جيلاني شامل آهن. هنن قبل از گرفتاري ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪيون هيون جيڪي رد ٿي ويون. ايف آءِ اي جي سائبر ونگ جي ٽيم عدالتي ڪمري مان ٻاهر ايندي ئي کين حراست ۾ ورتو. ياد رهي ته مريم نواز 6 جولاءِ تي لاهور ۾ پريس ڪانفنرس ڪندي چيو هو جج ارشد ملڪ جنهن العزيزيه ريفرنس ۾ ميان نواز شريف کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، ان ناصر جنجوعه سان ملاقات ۾ مبينه طور چيو هو ته هن سياسي دٻاءَ سبب نواز شريف کي سزا ڏني هئي ڇو ته ڪجهه ماڻهن هن جي مبينه غير اخلاقي حرڪتن بابت ٺاهيل ويڊيو ڏيکاري کيس بليڪ ميل ڪري سز جو فيصلو لکرايو هو. بعد ۾ جج ارشد ملڪ ان جي ترديد ڪندي مريم نواز کي ڪوڙو قرار ڏنو هو پر اهو اقرار ڪيو هو ته ناصر جنجوعه سندس دوست آهي ان سان هن ملاقات ڪئي هئي ۽ ڪيس جي سماعت دوران هو ملزم نواز شريف جي گهر۽ سندس پٽ سان جدي ۾ ملاقات به ڪري چڪو هو. ان جج کي هٽايو ويو آهي ۽ سندس خلاف انڪوائري هلندڙ آهي، تازو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ان ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته جج ارشد ملڪ پنهنجي حرڪتن سبب ايماندار ججن جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو