ثانيه مرزا جي ڀيڻ ڪنهن سان شادي ڪندي؟ راز فاش ٿي ويو

ممبئي (ڊيسڪ نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي زال ۽ ٽينس راند جي ڀارتي رانديگرياڻيءَ ثانيه مرزا جي ننڍي ڀيڻ انعم مرزا هلندڙ سال ڊسمبر ۾ شادي ڪندي. انعم مرزا جي دوستيءَ ۾ شاديءَ بابت ڀارتي ميڊيا ۾ ڪيتريون ئي خبرون هلنديون رهيون آهن ۽ هن پنهنجي ٿيڻ واري گهوٽ جو نالو هميشهه راز ۾ رکيو پر هاڻي اها ڳالهه راز نه رهي آهي. ڀارتي ميڊيا خبر ڏني آهي ته انعم مرزا اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر اظهرالدين جي پٽ اسدالدين سان شادي ڪندي.

 انهن خبرن جي تصديق ثانيه مرزا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ ثانيه چيو آهي ته انعم جي شادي ڊسمبر ۾ اسدالدين سان ٿيندي. ڀيڻ جي شاديءَ خاطر مان فرانس مان تڪڙي موٽي آئي آهيان. واضح رهي ته انعم مرزا پيشي جي اعتبار کان فيشن اسٽائلسٽ ۽ اسدالدين ڪرڪيٽ راند کيڏندو آهي.

هيءَ انعم مرزا جي ٻي شادي هوندي. سندس پهرين سادي نومبر 2016 ۾ اڪبر رشيد نالي هڪ ڀارتي شهريءَ سان ٿي پر اها شادي صرف 2 سال هلي سگهي ۽ طلاق ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو