تڪبر ناهي پر پ پ ڪامياب ٿيندي: خورشيد شاهه

پنو عاقل (رپورٽر) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان کي چونڊن جي ڪا ڳڻتي ناهي، چونڊون هر صورت ۾ ٿينديون، ووٽر تياري ڪن. پني عاقل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاهه چيو ته نگران حڪومت پنهنجي فيصلن ۽ پاليسين جي پاڻ ذميوار آهي، انهن ڪجهه اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي انهن کي نه ڪرڻا هئا. هن چيو ته چونڊون ڪرائي پارليامينٽ کي مڪمل اختيار ڏيڻ قومي مسئلن جو حل آهي، هڪ جماعت چونڊون کٽي حڪومت نه ڪري سگهي، گڏيل ۽ قومي حڪومت عوام جي مفاد ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي ڪو غرور يا تڪبر ناهي پر پ پ ضرور ڪامياب ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو