تيز رفتاري سبب سڙڪ تي اٺ اچڻ ڪري ڪوچ ڪلٽي 10 زخمي

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو ) کيتلاري اسٽاپ وٽ  مٺي کان ڪراچي ويندڙ  اي سي مسافر ڪوچ نمبر 745  روڊ تي اٺ اچڻ ڪري تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي.  جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ اندر سوار 10 کان به وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا . جن کي ڪلوئي جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ پهچايو ويو آھي جتي سندن علاج هلندڙ آھي جڏھن ته ڪجھه مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي جن کي ابتدائي علاج بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي. زخمين ۾ اوم پرڪاش . ڀيمون ميگهواڙ. ڀڳوان لهاڻو. ليمون ڀيل ۽ ٻيا شامل آھن هوڏانهن اي سي ڪوچ مڪمل طور تباهه ٿي وئي آھي. جڏھن ته اي سي ڪوچ ۾ سوار مسافرن موجب ڪوچ ڊرائيور گاڏي  ايتري ته تيز هلائي رهيو هو جو مسافر کيس مٺي مان نڪرندي ئي التجائون ڪندا رهيا ته گاڏي آھستي هلايو  پر هن ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ آخرڪار روڊ تي اوچتو اٺ اچڻ سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويئي. ۽ انڪري حادثو پيش آيو. مسافرن چيو ته مٺي کان ڪراچي وايا بدين هلندڙ اي سي ڪوچز جا ڊرائيور  تيز رفتاري سبب اڳم به ڪيترائي روڊ حادثا ڪري چڪا آھن ۽ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن پر هر دفعي سندن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري تيز رفتاري سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن. تنهن ڪري اي سي ڪوچ وارن خلاف ڪارروائي ڪري مسافرن جي زندگين سان کيڏڻ جو سلسلو بند ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو