توهين مذهب ڪيس ۾ 18 سال جيل ڪٽڻ بعد ملزم بري

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين مذهب ڪيس ۾ 2002 ۾ موت جي سزا ملڻ بعد 18 سالن تائين جيل ڪٽيندڙ حسان نالي شخص کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ شايع ٿيل خبر مطابق عدالت عظميٰ جي جج جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ قائم 03 رڪني بينچ پاڪستان جي پينل پينل ڪوڊ جي قلم 295 سي تحت داخل ڪيس ۾ نامزد ڪيل ملزم کي ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي. ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران عدالت کي معلوم ٿيو ته ملزم پاران لکيل انهن خطن، جيڪي حسان خلاف توهين مذهب واري الزام جو سبب بڻيا، انهن جي باري ۾ ڪيس داخل ڪرائيندڙ ڌر بنيادي شڪ کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ چيو ويو ته اهي خط هن پاڻ لکيا آهن. پنجاب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل محمد امجد رفيق پاران حسان خلاف ڪيس کي لاهور کان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو ويو. اي پي جيءَ ڪيس متعلق اخبار کي وڌيڪ ٻڌايو ته اسماعلي قريشيءَ نالي هڪ وڪيل کي لکيل خطن ۾ لڳايل الزامن جي بنياد تي وفاقي شرعي عدالت طرفان سينيئر وڪيل جي حق ۾ فيصلو ڏنو ويو. وڪيل حڪومت کان استدعا ڪئي ته قانون مان موت جي سزا ختم ڪئي وڃي ۽ موت جي سزا صرف سنگين ڪيسن ۾ ئي ملڻ گھرجي. ان جي نتيجي ۾ وفاقي شرعي عدالت طرفان 1991 ۾ حڪومت کي 30 اپريل تي قانونن ۾ ترميم لاءِ چيو ويو. ملزم پاران حسان مرشد مسيح جو نالو استعمال ڪندي ايڊووڪيٽ اسمياعل قريشيءَ کي 1998 ۾ 05 خط لکيا ويا. پهريون خط بيحرمتيءَ واري مواد وارو هجڻ سبب وڪيل پاران ساڙي ضايع ڪيو ويو. جڏهن ته هن کي ان بعد ٻيا خط به مليا. انهيءَ معاملي آڌار ملزم حسان خلاف مئي 2001 ۾ ڪيس داخل ٿيو ۽ انهيءَ ڪيس جي بنياد تي کيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج موت جي سزا ٻڌائي اهڙي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ برقرار رکيو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪندي ملزم کي 18 سالن بعد بري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو