جهانگير ترين ”استحڪام پاڪستان پارٽي“ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)سينيئر سياستدان جهانگير ترين نئين سياسي پارٽي ”استحڪام پاڪستان پارٽي“ ٺاهڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو.جهانگير ترين لاهور جي مقامي هوٽل ۾ نئين سياسي پارٽي ”استحڪام پاڪستان پارٽي“ جو باضابطا اعلان ڪيو، ان موقعي تي پارٽي جا ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.جهانگير ترين چيو ته ملڪ جي ترقي جي جذبي سان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو، ڏينهن رات محنت ڪئي، بدقسمتي سان شيون ائين نه ٿيون جهڙيون اسان چاهيون هيون، ماڻهو ناراض ٿيڻ لڳا، 9 مئي جي واقعن ملڪي سياست تبديل ڪري ڇڏي. تبديلي اچي وئي آهي، ڪو به معاشرو اهڙن واقعن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، اسان جي گڏ ٿيڻ جو مقصد ملڪ کي دلدل مان ڪڍڻ آهي.عليم خان جو چوڻ هو ته جهانگير ترين اسان سڀني کي گڏ ڪري ملڪ کي ترقي ڏيارڻ، افراتفري کان پري رکڻ جو ڪم ڏيکاريو.پريس ڪانفرنس ۾ علي زيدي، عمران اسماعيل، عامر ڪياني، سردار تنوير الياس، فردوس عاشق اعواڻ پڻ شرڪت ڪئي.هن نئين پارٽي ۾ عمران اسماعيل، علي زيدي، فواد چوڌري، عامر ڪياني، محمود مولوي، جيئي پرڪاش، مراد راس، فردوس عاشق اعواڻ، فياض چوهاڻ، نعمان لنگريال، ظهير الدين عليزئي، جاويد انصاري ۽ طارق عبدالله شامل آهن جن پي ٽي آءِ کي ڇڏي ڏنو.نوريز شڪور، رفعت علي گيلاني، ممتاز مهروي، مهر ارشاد ڪاٿي، عثمان اشرف، جليل شرقپوري، خرم روڪري، ديوان عظمت، جي جي جمال، اجمل وزير ۽ ٻيا ڪيترائي ميمبر جن پي ٽي آءِ کي خدا حافظ قرار ڏنو هو پڻ نئين پارٽي جو حصو بڻجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو