تاج محمد وساڻ طرفان شھيد راڻي جي سالگرھ ملھائي وئي

ڪراچي ( باغي ساگر پنھوار ) پي پي ضلعي اوڀر جي صدر اقبال ساند چيو آھي ته شھيد راڻي محترمه بينظير عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي چڪي آھي ھن ڪڏھن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ پي پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر تاج محمد وساڻ طرفان  شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي 68 سالگرھ ملھائي وئي سالگرھ تقريب ۾ پي پي ضلعي اوڀر جي صدر اقبال ساند۔پي پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر حاڪم علي جسڪاڻي۔حسين بخش ناريجي۔محمد حنيف سومرو۔شفقت ميراڻي ۔عشرذڪوات جي اڳوڻي چيئرمين رحيم بخش گبول۔خان بھادر شر۔مصباء۔ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اقبال ساند چيو ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو عوام ۽ جمھوريت کي برقرار رکڻ لاء پنھنجي شھادت جو نزرانو پيش ڪيو ھن چيو ته اڄ اسانکي عھد ڪرڻو پوندو ته شھيد راڻي جي ڏسيل واٽ تي ھلي پارٽي کي مضبوط ڪيون پي پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر تاج محمد وساڻ۔حاڪم علي جسڪاڻي ۔حسين بخش ناريجو۔محمد حنيف سومرو ۽ ٻين چيو ته شھيد راڻي جيل جون سختيون ته برداشت ڪيون پر ڪڏھن به آمر آڏو پنھنجو سر نه جھڪايو ھنن چيو ته شھيد بينظير غريب ۽ پورھيتن سان محبت ڪندي ھئ اھو ئي سبب آھي جو اڄ به ملڪ جو عوام کين بي پناھ محبت ڪري ٿو تقريب جي آخر ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو