بگٽي قبيلي جا 30 ماڻهو پاڻمرادو پوليس وٽ پيش

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) آءِ جي سنڌ پاران سرنڊر فار جسٽس پاليسي ھيٺ تيزي سان عمل جاري، ايس ايس پي ڪشمور سيداسد رضاشاهه جي هدايتن ھيٺ پوليس کي مختلف ڪيسن ۾گھربل جوابدارن جو پاڻ مرادو پوليس وٽ پيش پوڻ واري سلسلي تحت بگٽي قبيلي سان واسطو رکندڙ 30 ڄڻا  ايس.ايس.پي اسدرضاشاهه وٽ پيش ٿيندي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.پيش پوندڙن ۾ مينھون خان بگٽي، علي حسن، ڏاڏوعبدالرحيم، عيسوخان ملگزار، علي گل مارشلا، راحب خان، عرض محمدبگٽي ۽ ٻياشامل آھن. ان موقعي تي ايس.ايس.پي ڪشمورسيد اسد رضاشاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هي سال ڪشمورضلعي لاءِ انصاف جو سال ثابت ٿيندو جن ۾ آءِ جي سنڌپاران سرنڊر فارجسٽس پاليسي ھيٺ اڄ 30 ڄڻن جي پيش پوڻ سان گڏ 80 ماڻھن روپوشي واري زندگي کان بيزارٿي قانوني رستواختيارڪندي پيش پيا آھن.ھن وڌيڪ چيوته پيش پوندڙ بگٽي قبيلي جاماڻھو جيڪي بمن جي ڪيسن سميت قتل، ڌاڙن ۽ قبائلي جھڳڙن جي ڪيسن ۾ گھربل ھئا تن جوابدارن سان قانوني رعايت سان گڏ عدالتن ۾ بطورضمانت لاءِ بانڊن ڏيڻ لاءِ به مددڪئي پئي وڃي.ھن چيو سنڌ بلوچستان جي بارڊرتي قائم ٿاڻن۽ ڪچي جي ٿاڻن ۾ سرنڊرفارجسٽس ڪئمپ قائم ڪرڻ جو منصوبوجوڙيو ويو آھي جنھن تحت روپوش جوابدارن کي پيش پوڻ لاءِ آساني ٿيندي ۽ اھڙي پيغام کي گھر گھر پھچائڻ ۾ به مدد ملندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو