بيمارين، بک ۽ اڃ تي مال مرڻ لڳو، ترت واهر جي اپيل

ڪلوئي(غلام مصطفي نهڙيو) تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال جي مرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو وڌيڪ ڪيترائي ڍور مري ويا ڪيترائي بيمار بيٺل ضلعي انتظاميا اگھور ننڊ ستل. مختلف ڳوٺن سارهوڙ ، باغ جو پتڻ ، صوفي دڪو ، ٻولهاڙي ،علي بندر ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ پرسرار بيمارين ڪر کنيو جنهن سبب تعلقي ۾ چوپايو مال تيزي سان مرڻ لڳو آهي ۽ ڪيترن ئي ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا ڳوٺاڻن يقوب ساهڙ لکانو ساهڙ غلام علي ساهڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٿر ۾ ڪاري ڏڪار سبب اسان جو چوپائي مال رڍ ٻڪريون مينهون ڳئون ۽ ٻيو  ئي چوپايو مال بخار ٻرڪي ڳنڍ ۽ چارو نه هجڻ سبب مٽي کائي تير ۽ ٻين خطرناڪ مرضن ۾ وڪوڙجي ويو آهي پر تنهن باوجود نه ته مقامي ڊاڪٽرن مال جي ويڪسين ڪئي آهي نه وري سنڌ سرڪار پاران چوپائي مال لاء چارو فراهم ڪيو ويو آهي جنهن سبب علائقي جو چوپايو مال تيزي سان ختم ٿيڻ لڳو آهي ، مقامي ڀاڳين لاڳاپيل اختيارين کان فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، ٻئي طرف مقامي وٽنري ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسان ڄاڻايل ڳوٺن ۾ چوپائي مال جي ويڪسين ڪري چڪا آهيون ، ان باوجود ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺن جا دورا ڪري چوپائي مال ۾ بيمارين بابت چڪاس ڪري رهي آهي ۽ دراصل جيڪو مال مري رهيو آهي سو بيماري وگهي نه پر بک ۽ اڃ ۾ مري رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران چوپائي مال جي لاءِ اماڻيل چارو ڪلوئي تعلقي ۾ ڪٿي به ورهائجي ناهي سگهيو هتي جي رهواسين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي چوپائي مال جي لاءِ چارو ۽ پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن اسان نقصان کان بچي سگهون.هوڏانهن مٺي ۾ سرڪاري طور ورهايل گاهه ۾ ڪاٺ جو ٻورو مليل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو