بلاول غلط ٻڌايو، پيڪيج ۾ وفاق جو حصو 62 سيڪڙو آهي،اسد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پيڪيج جي اعلان تي هلندڙ تڪرار بابت وضاحت ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي جي ترقيءَ تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، منصوبي ۾ وفاقي سرڪار 62 سيڪڙو فنڊنگ ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار جو حصو 38 سيڪڙو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران اسد عمر، علي زيدي ۽ امين الحق به موجود هئا هنن بلاول جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو ۽ ٻڌايو ته وزيراعظم جي بريفنگ ۾ مراد علي شاهه جي درخواست تي اهو نه ٻڌايو ته ڪنهن جو ڪيترو حصو هوندو. هن چيو ته شاهه صاحب کي ان بابت پارٽي قيادت کي به آگاهه ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته سنڌ سرڪار هڪ وک وڌائيندي ته وفاق 2 وکون اڳتي ايندو، رياستي ادارا ۽ حڪومتون گڏجي ڪم نه ڪنديون ته ڪراچي جي ترقي واري ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، اسد عمر چيو ته سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ برسات جي تباه ڪارين جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم خصوصي اجلاس سڏائيندو، برسات متاثر علائقن ۾ رليف ۽ نقصان جي ازالي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي، 18هين ترميم قانوني رنڊڪون پيدا ڪري رهي آهي، تنهن ڪري ڪراچي لاءِ الڳ سان پيڪيج آڻڻو پيو. ياد رهي ته ڪالهه وزيراعظم جي اعلان بعد بلاول هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو هو ته 1100 ارب مان 800 ارب سنڌ ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو