ايلڊليڊ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ ميزبان ٽيم جي بيٽنگ جاري آهي. ايڊليڊ ۾ هلندڙ ميچ ۾ آسٽريليا جي ڪپتان ٽم پين ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 70 رنسون ٺاهيون ته برسات سبب ميچ کي روڪيو ويو. ڊيوڊ وارنر 45 ۽ مارنس لڀوشن 18 رنسون ٺاهي وڪيٽ تي موجود آهن جڏهن ته برنس 4 رنسون ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي وڪيٽن پويان ڪيچ آئوٽ ٿيو. آسٽريليا پنهنجي ٽيم برقرار رکي آهي جڏهن ته پاڪستاني ٽيم ۾ ٻئي ٽيسٽ لاءِ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن جنهن ۾ 19 سالن جي فاسٽ بالر محمد موسيٰ پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ٽيسٽ کيڏي رهيو آهي. فاسٽ بالر نسيم شاهه جي جڳهه تي کين ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته محمد موسيٰ کي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ٽيسٽ ڪيپ پارائي. حارث سهيل ۽ عمران خان جي جڳهه تي امام الحق ۽ محمد عباس کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
