بدعنواني،عمر اڪمل معطل، ڪوئٽا لاءِ جهٽڪو، پي ايس ايل ميدان تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ بدعنواني جي جاچ جي سلسلي ۾ عمر اڪمل کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو پي ايس ايل جي پهرين ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز لاءِ وڏو جهٽڪو آهي. پاڪستان ۾ پي ايس ايل جي پنجين ايڊيشن جون تياريون مڪمل آهن ۽ پاڪستاني ڪرڪٽ جي تاريخ جو وڏو ايونٽ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي. پي سي بي جاري ڪيل مختصر بيان ۾ چيو آهي ته عمر اڪمل خلاف جاچ هلندڙ آهي ۽ جيسين اها مڪمل ٿئي تيسين هو هر قسم جي ڪرڪٽ نٿو کيڏي سگهي. پي سي بي ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي سندس جاءِ تي متبادل رانديگر کڻڻ جي اجازت ڏني آهي. ياد رهي اڄ رات 9 وڳي ڪراچي ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز جو اسلام آباد يونائيٽيڊ سان پهرين ميچ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو