لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن تي سبسڊي واپس وٺڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته بجلي بلن تي سبسڊي ڏيڻ يا واپس وٺڻ حڪومت پاليسي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته عدالت اهڙن معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.عدالت سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سبسڊي واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن قانون موجب آهي. ان جو لاڳو نوٽيفڪيشن جي جاري ڪرڻ واري ڏينهن ٿيندو.
