بجلي جا اگهه گهٽائي چوري تي ڪنٽرول ڪريو،شاهه محمد لغاري

ملڪ جو خزانو خالي ڪئين نه ٿيندو جڏهن خزاني جا محافظ ئي ڌاڙيل هجن ضلعو جيڪو ويٽنام نالي سان مشهوي آهي ۽ ضلعي دادو کي ائين به سڏيو ويندو آهي دادو ۾ آ جادو  پر گندگي جي نالي سان به مشهور آهي دادو ضلعو گندگي جو قلعو ضلعي دادو جا ڪهڙا مثال ڏجن ڪرپشن ۾ به پهريون نمبر آهي ۽ مشهور به آهي دادو ۾ هر کاتي جي آفيسن اندر رت چوسڻ وارا ويٺا آهن خزاني جي آفيس هجي يا روڊس کاتو اينٽي ڪرپشن صحت تعليم کاتو هجي ضلعي چيئرمين جي آفيس ۾ به ڪرپشن ٿئي ٿي پر سڀني کا جيڪا وڌيڪ ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي بجلي کاتي ۾ ڪرپشن ٿئي ٿي. دادو شهر توڙي تعلقي جوهي، ميهڙ،خيرپورناٿن شاه ۽ ان جي آس پاس جي وڏن ننڍن شهر ۾ جيڪا غيرقانوني بجلي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن ڪنڊين جي جيڪا اڳاڙي ٿئي ٿي مان سمجهان ٿو هڪ سال اندر ملڪ جو قرض لهي ويندو ضلعي دادو ۾ جيترا گهر آهن انهن گهرن ۾ اوتريون بجلي جون ڪنڊيون لڳل آهن جيڪي واپڊا وارن پاڻ بجلي جون ڪنڊيون لڳائي ڏنيون آهن گرمين جي موسم ۾ ايسيون هلائيندڙن کان واپڊا وارا هر مهيني 3هزار کان پنج هزار هڪ ڪنڊي جو وٺن ٿا گهرن کان علاوه هوٽل دڪان برف جي ڪارخانن سيلرن سميت هر جاء تي غيرقانوني بجلي استعمال ڪئي وڃي ٿي جيڪڏهن ڪاٿو ڪجي ته هر مهيني ڪروڙن جي چوري جي بجلي استعمال ڪندڙن کان اڳاڙي ڪئي وڃي ٿي سال جو حساب ڪجي ته بجلي وارن ڪرپشن ۾  هر کاتي کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي هر مهيني ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ وابڊا عملدارن کان ڪير به پڇا ڪرڻ وارو ناهي نيب هجي يا انٽي ڪرپشن ادارو سڀ خاموش آهن يا انهن کي پنهنجو حسو ملي وڃي ٿو جيڪڏھن ڪو ميٽر تي هلائيندڙ شهري انٽي ڪرپشن آفيس ۾ يا نيب ۾ شڪائت ڪري ٿو ته ان مٿان ٻيڻ تي بجلي جا بل جاري ڪري ان کي پريشان ڪيو وڃي ٿو ان کي آفيسن جا چڪر ڪرائي ڪرائي ان کي خاموش ڪيو وڃي ٿو جيڪڏھن وابڊا وارا نٿا چون ته نيب آفيس يا انٽي ڪرپشن آفيس ۾ شڪائت ڪندڙ مهينن جا مهينا چڪر ڪري ڪري ٿڪي پوي ٿو آخر خاموش ٿي وڃي ٿو جڏهن ته شڪائتن  وارا پنا ڳري وڃن ٿا يا ڪنهن پڪوڙي واري دڪان تي نظر اچن ٿا. ڪجھ ڏينھن اڳ ايم اين اي رفيق جمالي جو ڀاء سعيد جمالي ۽ واپڊا وارن جي پاڻ ۾ منهن ماري ٿي اها منهن ماري ڪنڊين جي پيسن تي ٿي يا ڳرن بلن تي ٿي واللہ اعلم پر ان منهن ماري بعد وزيراعظم عمران خان به نوٽيس ورتو ۽ سعيد جمالي مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو ۽ سعيد جمالي مٿان ڪيس داخل ٿي ويو  ان کان بعد هاڻي ته واپڊا وارا ميٽر تي بجلي هلائيندڙ هلڪي ڦلڪي جي ٻڌن ئي نٿا ڄڻ فرعون ٿي ويا آهن پنهنجي مرضي تي بل موڪلين ٿا ٻيڻ تي بل نه ڏيندڙ جي بجلي ڪٽي ڇڏين ٿا جڏهن ته پنهنجي مرضي تي بجلي هلائن ٿا 18 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي پريشان به ڪن ٿا پر ڪير به انهن کي چوڻ وارو ناهي ڪو پڇي به ٿو ته چون ٿا وفاق پاران اسان کي فل سپورٽ آهي عام شهرين سان ٿوري گهڻي ڳالھ تي گار گند منهن ماري به ڪن ٿا سائين ڪير چوي وزيراعظم صاحب نوٽيس وٺندو جيل ناهي وڃڻو جيڪڏهن ڪورٽن ۾ ڪيس ڪيون ٿا ته بجلي چوري جو الزام هڻي بجلي هلائيندڙ صارفين کي پريشان ڪيو وڃي ٿو وزيراعظم صاحب عوام مٿان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بجاء ملڪ جي بجلي ٺيڪ هلائي وڃي ته هڪ سال اندر ملڪ جو قرض لهي ويندو هڪ ضلعي دادو ۾ سال ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي وڃي پوري ملڪ جو حساب ڪجي ته هزار ڪروڙن جي ڪرپش ظاهر ٿيندي بجلي ۾ ڪرپشن جي روڪٿام لاء حڪومت ڪو به قدم نٿي کڻي اسان اخبارن يا ٽي وي ۾ ٻڌو آهي فلاڻي فوت ٿيل جي اڪائونٽ مان 10 ارب آيا آهن جيڪي 20 20 سال اڳ وفات ٿي ويا انهن جا اڪائونٽ کلي ويا ۽ اڪائونٽن ۾ اربين رپيا ٽرانسفر به ٿيا پر ضلعي دادو جا واپڊا وارا به ڪنهن کان گهٽ ناهن دادو ۾ فوت ٿي ويل جي نالن سان ميٽر آهن انهن فوت ٿيلن جي ميٽرن تي بل اچن ٿا انهن ميٽرن تي 4 لک ته ڪنهن فوت ٿيل جي ميٽر تي 5 لک بل اچن ٿا جن ماڻهن پنهنجي زندگي ۾ بجلي ناهي ڏٺي اهي فوت ٿي ويا انهن جي نالي سان ميٽر اشو ڪرائي بل موڪليا وڃن ٿا ڪنڊي واري ريڊينگ فوتين جي ميٽرن تي يونٽ لڳائي يونٽ پورا ڪيا وڃن ٿا ان ڪري ته دادو مشهور آهي چوندا آهن دادو ۾ آ جادو “واپڊا وارن جو ھر مھيني بجلي چوري خلاف آپريشن ڪرڻ ٽرانسفارمرن کي ھر مھيني محفوظ ڪرڻ صرف ۽ صرف ڍونگ آھي، عوام کي ٽوپي پارائڻ ۽ بيوقوف ڪرڻ آھي واپڊا وارن جا بجلي چوري ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جا ھڪ نہ انیڪ طريقا آھن، ھو لاتعداد طريقن سان بجلي جي چوري ڪن ۽ ڪرائن ٿا، واپڊا وارن جي اھڙي ھوشياري کي سمجھڻ عام ماڻھو جي وس جي ڳالھ نہ آھي ضلعي دادو ۾  وابڊا پاران ٿيندڙ ڪرپشن جا پيسا جيڪڏهن جمع ڪرايا وڃن ته ملڪ جو قرض لهي ويندو عوام کان ٽيڪس نه ورتو وڃي دادو جي بجلي مان به ملڪ جو قرض لهي ويندو پر جيڪڏهن وابڊا عملي وانگر ملڪ جو وزيراعظم به جڳاڙي هوندو ته سئو سال ۾ به ملڪ جو قرض نه لهندو.حڪومت کي گهرجي ته بجلي جا اگهه گهٽ ڪري جيئن سڀ ماڻهو بل ڀرين ۽ چوري کي روڪي سگهجي. آءِ ايم ايف جي چوڻ تي اگهه وڌندا ويندا ته چوري به وڌندي ويندي. ٻيو حل اهو آهي ته آٽو ميٽڪ ميٽر هجن جيئن برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ آهن، پئسا نه هوندا ته بجلي نه هلندي، جيئين موبائل ۾ بيلنس وجهندا آهيون ته ڪال ويندي آهي اهو طريقو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو