اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزارت جي عملدارن چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ ٽي وي جي فيس سان گڏ ريڊيو جي فيس به شامل هوندي. سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته بجلي جي بلن ۾ 35 رپيا پي ٽي وي ۽ 15 رپيا ريڊيو فيس لاڳو ڪئي ويندي.آفيسرن چيو ته سينيٽ ڪميٽي اها سفارش ڪئي هئي جنهن تي عمل ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي عملدارن وڌيڪ چيو ته ادارن جي نجڪاري جو معاملو پاليسي سان لاڳاپيل آهي، سفارش هئي ته خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي.آفيسرن چيو ته ناڻي واري وزارت کي فنانس ڪميٽي کان 55 سفارشون مليون آهن.
