نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم راڪ اسٽار ۾ رنبير ڪپور سان گڏ مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندڙ اداڪارا نرگس فخري جي ڀيڻ عاليا فخري کي پوليس ٻٽي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ موجب واقعو 2 ڊسمبر جي صبح نيو يارڪ ۾ پيش آيو جڏهن 43 سالن جي عاليا فخري 2 ماڙ گيراج جي ٻاهران پهتي ۽ زور سان رڙيون ڪندي چيو ته اڄ سڀني جو آخري ڏينهن آهي، توهان سڀ مري ويندا. . اوچتو آواز ٻڌي پاڙيسري پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڏٺو ته گهر کي باهه لڳل هئي. رپورٽن مطابق عاليه جو اڳوڻو بواءِ فرينڊ 35 سالن جو جيڪب۽ سندس نئين گرل فرينڊ 33 سالن جي ايٽين کي باهه وسائڻ بعد ٻاهر ڪڍيو ويو ته ٻئي دم گهٽجڻ ۽ سڙڻ سبب فوت ٿي چڪا هئا. پوليس عاليا فخري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سندس خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف نرگس فخري هن واقعي تي اڃا تائين ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي. سندن والده واقعي جي انڪاري آهي. جيڪب جي والده جو چوڻ آهي ته عاليا منهنجي پٽ سان ٻيهر تعلقات بحال ڪرڻ پئي چاهيا ۽ انڪار تي هن هي انتهائي قدم کنيو آهي.










