screen shot

بابر اعظم ۽ اسد شفيق 47 سالن جو پراڻو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

پرٿ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم جا بهترين رانديگر اسد شفيق ۽ بابر اعظم آسٽريليا جي اي ٽيم خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 47 سالن جو پراڻو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. بابر اعظم ۽ اسد شفيق بهترين راند جو مظاهرو ڪندي آسٽريليا جي اي ٽيم خلاف ميچ جي پهرين ڏينهن چوٿين وڪيٽ ۾ 276 رنسون ٺاهي پاڪستان جي پوزيشن مضبوط ڪرڻ سان گڏ نئون ريڪارڊ پڻ قائم ڪيو. اسد شفيق 12 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 119 جڏهن ته بابر اعظم 24 چوڪن جي مدد سان 157 رنسن جي اننگ کيڏي. ٻئي رانديگر آسٽريليا ۾ ڪنهن به پاڪستاني جوڙي طرفان فرسٽ ڪلاس ۾ سڀ کان وڌيڪ پارٽنرشپ جو ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪري 47 سالن جو پراڻو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ان کان پهرين اهو ريڪارڊ طلعت علي ۽ ماجد خان وٽ هيو جنهن 1972 ۾ ڪوئنزلينڊ جي گرائونڊ تي 233 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي هئي. پاڪستان آسٽريليا خلاف ميچ جي پهرين اننگ ۾ 428 رنسون ٺاهيون اڄ مئچ جي ٻئي ڏينهن جونيئر عمران خان جي عمدهه بالنگ جي بدولت آسٽريليا صرف 122 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي عمران خان جونيئر ميچ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪندي آسٽريليا جي بيٽسمينن مٿان سڪتو طاري ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو