سينيٽر مشتاق جو پاڪستان پهچڻ تي شاندار استقبال

سينيٽر مشتاق جو پاڪستان پهچڻ تي شاندار استقبال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسرائيلي قيد مان آزاد ٿيل اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد پاڪستان پهچي ويو آهي. اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان اردن کان اسلام آباد پهتو جتي ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ پاران سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، جن مٿس گلن جي پنکڙين جي بارش ڪئي وئي، مشتاق احمد خان جي استقبال لاءِ آيل شهري فلسطيني جهنڊا به کڻي آيا هئا، جڏهن ته اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان به پنهنجي ڳچيءَ ۾ فلسطيني ڪيفيه پائي رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو