اچڪزئي جي مولانا سان ملاقات، صدارتي چونڊ ۾ حمايت جي درخواست

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سني اتحاد ڪائونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي.محمود خان اچڪزئي صدر مملڪت لاءِ مولانا فضل الرحمان کان ووٽ گهري ورتو.محمود اچڪزئي چيو ته اسان جو پراڻو تعلق آهي، اسان تحريڪ ۾ گڏ وقت گذاريو آهي، اميد آهي ته توهان اسان جو ساٿ ڏيندا.مولانا فضل الرحمان چيو ته پارٽي قيادت سان مشاورت کانپوءِ اوهان کي آگاهه ڪندس.ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو