ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ هدايتڪار ساجد خان ڀارتي ميڊيا ۾ پنهنجي موت جي خبرن تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا ۾ رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ساجد خان خراب صحت سبب فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته رپورٽن ۾ اهو به ٻڌايو ويو هو ته ڊائريڪٽر ڪيترن ئي سالن کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو جنهن سبب سندس موت ٿيو.ڀارتي ميڊيا تي ساجد خان جي موت جي خبر گردش ڪرڻ کانپوءِ سندس مداحن به سندس موت جي خبر تي يقين ڪيو، جنهن تي ساجد خان هڪ وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو ته هو جيئرو آهي.ساجد خان اهو وڊيو پيغام انسٽاگرام تي جاري ڪندي چيو ته ميڊيا جي هڪ نمائندي غلطي سان منهنجي تصوير پوسٽ ڪري ڇڏي آهي پر اداڪار ساجد خان لاڏاڻو ڪري ويو آهي.ساجد خان پنهنجي وڊيو تي افواهن جي ترديد ڪندي لکيو ته اڃا اسان زنده هي.










