اپوزيشن جو فڪر آهي ته پاڻ ۾ گڏ رهندا يا نه،عمران خان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پهرئين ڏينهن کان چوندي هئي ته حڪومت ناڪام ٿي وئي، اُهي چوندا هئا اڄ يا سڀاڻي حڪومت هلي ويندي، هاڻي مون کي اپوزيشن جو فڪر آهي ته پاڻ ۾ گڏ رهندا يا نه، وزيراعظم عمران چيو آهي ته موجوده حڪومت پنج سال پورا ڪندي، چونڊن کانپوءِ ٻيهر اسان جي حڪومت آئي ته پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو، هاڻي به ملڪ ڏکئي وقت مان نڪري ويو آهي، پيداواري شرح بابت انگ اکر آيا ته اپوزيشن اُنهن کي به جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، زيارت ۾ قائد اعظم ريزيڊنسي تي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ڪي پي ۽ پنجاب وارا گوڙ ڪن ٿا ته اسان جي حڪومت نه هجڻ باوجود بلوچستان کي وڌيڪ پئسو ڏنو پيو وڃي، ماضي ۾ بلوچستان اندر فنڊز صحيح استعمال نه ٿيا، موجوده حڪومت بلوچستان جي بهتري ۽ ترقي تي ڌيا نڏئي رهي آهي، آئون بادشاهه نه، وزيراعظم آهيان، فرمان جاري ڪرڻ بدران معاملا ڏسڻ لاءِ صلاح مشورا ڪرڻا پوندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو