اِجھو هِي لوڌ ڌارين جي قيامت کي جنم ڏيندي

زاهد اوٺو
مُنهنجي محبوب ۽ مُقدس مِٽي ۾ اها ڪَشش آهي جتي هزارين ڌارين حملي آورن هُلائون پئي ڪيون آهن ۽ وقت سر موجود مڙسن مَهلون مَلهائڻ ۾ به ڪا ڪَسر ناهي ڇڏي پوءِ اهو شهيد دودو سومرو هجي يا شهيد مها راجا ڏاهر، هن وقت به ڏٺو وڃي ته دودي سومري ۽ راجا ڏاهر جي سون ورني سر زمين تي اُنهن حملي آورن جي اولاد ڏينهون ڏينهن وڏي تيزي سان قابض ٿي رهي آهي پوءِ ان جو سبب اِهو آهي يا ته سنڌ ان ڌارين کي ڌِڪارڻ واري سگھ کان مَحروم ٿي وئي آهي يا ته سنڌ جي اَمڙين شهيد دودي سومري ۽ شھيد راجا ڏاهر جهڙن اَڙٻنگ، اَڻموٽ ۽ وطن مُحافظ پٽن کي جنم ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت هندستان مان هِجرت ڪري آيل اٽڪل مُنِي صدي جيڏي مُدت ۾ به سنڌ ڌرتي(ماءُ) جي گود قبولي ناهن سگهيا ۽ سنڌ دوستي تي پورا ناهن لٿا ۽ تاريخ ۾ ڌاريائپ جي ڍڳن تي ڀٽڪي رهيا آهن ۽ جتي آغا سراج دراني عرف سراج دين افغاني به سنڌي ته ٿي سگهيو آهي جنهن جي اندر ۾ اڄ به شيطاني افغان موجود آهي جڏهن ته اڄ سنڌ جو اتهاس هن بي وفا شخص کي قاضي قادن، چنيسر، حمل جت، ايوب کهڙي ۽ آصف زرداري واري لِسٽ ۾ شامل ڪري چڪو آھي اُتي لالچ عيوض پيءُ مٽائيندڙ عجب گل افغاني مان عجب خان ولد مولابخش چانگ ٿيندڙ مان اميد رکڻ به ٻَٻر کان ٻير گُهرڻ برابر آهي، اڄ به سنڌ اهڙن ناجائز اولاد سان ڀَري پئي آهي.
ڏٺو وڃي ته سنڌ جتي وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي، ڪرپٽ نظام، پاڻي تي ڌاڙن، ڪوڙي آدم شماري، ڌاڙيل راڄ، ڪُوڙن پِيرن، نياڻين جي قتل، جان محمد مھر سميت بَهادر صحافين جا قَتل، جبري مذهب تبديلي، زرعي تباهي، ڪارونجهر تي قبضي سميت مختلف وسِيلن جي نيلامي، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار سميت لامَحدود مُصِيبتن کي مُنهن ڏئي رهي آهي اُتي سنڌ خاص ڪري سڀن کان افغاني پناهگيرن جو بار پنهنجي ڳاٽي تي ڳَرو محسوس ڪري رهي آهي. حقيقت ۾ سنڌ ارشاد رانجهاڻي کان بلال ڪاڪا تائين ڪيترائي ڪُونڌر ڪُهائي چُڪي آهي وڌيڪ هِنن جي پليت اِرادن کي رَت جو ريج ڏِيڻ جيتري سَگھ ناهي رَهي. ڏٺو وڃي ته اوڻويھ سئو ستيتاليھ کان پاڪستان ايندڙ هر پناهگير اڪثر ڪري ڪراچي ۾ ئِي رهائش پَذير ٿئي ٿو، پاڪستان ٺهڻ مَهل ڪراچي جي آبادي چار کان ڇھ لک تائين محدود هُئي جيڪا هاڻي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ آهي، افغانين جو پاڪستان ۾ آساني سان داخل ٿيڻ جو سبب پاڪستان ۽ افغانستان وچ ارڙهن سئو ٽيانوي ۾ هندوڪش کان برٽش انڊيا ۽ روس امپائير وچ ۾ ٽڪراءُ کي روڪڻ لاء ٻه هزار ڇھ سئو ڪلو ميٽر ڊگهي باڊر لائين جوڙي وئي هئي جتان هزارين ماڻهن جي اچ وڃ ٿئي ٿي جتان کيس ڪِن جڳهين تي سندن روڪٿام يا پڇا ڳاڇا ڪرڻ جا نظام نه هئڻ برابر آهن جتان غير ملڪي آساني سان اچي وڃي سگهن ٿا. گذريل آدمشماري دوران ڪراچي ۾ بلوچ ۽ سنڌ هڪ هجڻ باوجود کين الڳ ڪري ڌرتي ڌَڻين جو تعداد صرف يارنهن سيڪڙو ڏيکاريو ويو، جنهن جو چِٽو ۽ واضع مقصد پاڪستان جي سڀ کان وڏي وسيلي سمنڊ جي شهر ڪراچي جو قبضو غير سنڌين حوالي ڪرڻ آهي جيڪا کين آسان طريقي سان وَنگار وَهي جيڪو عمل سنڌي قوم کان سرانجام ڏيارڻ ناممڪن آهي، جيڪو ڪم افغانين کي سنڌ ۾ آباد ڪري کائين ورتو ويندو. ڳالھ واضع آهي ته سنڌ جي وسيلن کي نانگ جيان ڦَڻُ کڻي ويٺل وَڏ پيٽن جو افغانين کي آباد ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي جن ۾ سرڪار سميت منظور پشتين، شاهي سيد ۽ آغا سراج دراني جهڙا ڀاڙِيا ڀوتار ۽ ڪاٽڪُو شامل آهن ڇو ته افغانستان سان ته چِين، ايران، تُرڪمانستان ۽ ازبڪستان جون سَرحدون به مِلن ٿيون پوءِ افغان پناهگير فقط سنڌ ۾ ڇو آباد ٿي رهيا آهن؟
سنڌين ۾ افغاني پناهگير آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاء ڪوششون ڪندڙن ۽ افغانين کي استعمال ڪرڻ وارن کي اهو به پَتو هجڻ کپي ته افغان جي ٽي ڪروڙ ڏھ لک آبادي ۾ مختلف قسمن جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ ٻائيتاليهه سيڪڙو پشتون، اٺاويھ سيڪڙو تاجڪ، نو سيڪڙو هزارا ۽ چار سيڪڙو بلوچ آباد آهن جن مان ڪي روس، ڪي آمريڪا، ڪي انڊيا ۽ ڪن جي واڳ چِين وٽ آهن انهن کي پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ مَهل کين ڪهڙِي خبر ته اِيندڙ شخص جي ڪمانڊ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي چين، انڊيا روس يا آمريڪا وٽ؟ جيڪو سڌو سنئون دهشتگردي جو سبب بڻجندو ۽ بڻجي رهيو آهي ته افغانين کي آباد ڪري فقط سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ يا کين وسيلا ڦٻائڻ نه پر ان سان گڏوگڏ هڪ وڏِي دهشتگردي جي علامت طور سامهون ايندو ۽ اچي رهيو آهي.
افغاني ڏيڻ اسلام جي غلط تشريح ڪندڙ اسلام جا عالمي ٺيڪيدار آهن جن هميشه مذهب کي مخصوص مفادن لاء استعمال ڪيو آهي اڄ به ڪجھ بي ضمِير ۽ وطن فروش گروھ کي افغانين جي واپسي واري مطالبي ته وڏو اَهنجَ ۽ اِيذاء محسوس ٿي رهيو آهي جيڪي کين حمايت ۾ هَٿين پيرين اُڀا ٿِي زهر اوڳاڇي رهيا آهن، ڏٺو وڃي ته پٺاڻ سياسي اڳواڻ هجي، عالمي اسمغلر يا مذهبي اڳواڻ سڀ هڪ پيج تي آهن هميشه مذهبي پَتي تي کيڏندڙ، ڪراچي جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ ۽ تعصب پرست دهشتگرد تنظيم جماعت اسلامي جو امير ملو سراج به افغانين جي نيڪالي واري فيصلي کي نفرت جي هوا ڪوٺي رهيو آهي کائنس اهو ڪير پڇي ته افغانستان جا جهنڊا کڻي فليگ مارچ ڪرڻ وقت کانئن غيرت کي ڪهڙيون نشي آور گوريون ڏنل هيون؟ محمود پٺاڻ، راشد دومرو ۽ ڪرسي عيوض در در جا ڌڪا ٿاٻا کائيندڙ ملان فضلو به ٽڪي جي ٽن ووٽن عيوض گوڏ ٻڌي گپ ۾ لٿل آهي سڀن جا بيان هڪ جهڙي مشابهت رکن ٿا جنهن جي واتان ڪڏهن به سنڌين جي قتل و غارت تي هڪ اکر به نه اڪليِو آهي پوءِ ماڙي جلباڻي جو سانحو هجي يا قلندر جي درگاھ جو ڌماڪو يا سنڌين جو بي گناھ قتل هجي، اڄ ريڊ ورڪر فرنٽ جو بيان نظر مان گذريو جنهن ۾ واضع لکيل هيو ته “پوئين چاليھ سالن کان افغاني مهاجرن جي نالي تي ڊالر ڳڙڪائڻ وارا سرمائيڪار، حڪمران طبقو ۽ رياست پنهنجي لٽ مار، ڪرپشن، استحصال ۽ نااهلي تي پردو وجهڻ لاء معاشي بحران جو سمورو ملبو افغاني مهاجرن تي اڇلائي رهي آهي جنهن جي وڏي اڪثريت اڪثر محنت مزدوري ڪندي آهي. حڪمران نَسلي ۽ قومي نفرتُون ڦَهلائي محنت ڪش طبقي کي تقسيم ڪرڻ جو مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اسان ان حڪمرانن جي ظلم جي مذمت ڪيون ٿا” ۽ پاڪستان ۾ پناھ وٺندڙ افغاني مهاجرن وڏا محنت ڪَش ڄاڻائي کين شُهريت ڏيڻ جهڙا مطالبا پڻ ڪيل هئا پر اتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته چرس، آفيم، بارود، اغوا، قلتن ۽ هوٽلن تي کاڌي وارين شَين ۾ ڪيميڪل اسعتمال ڪندڙ محنت ڪش مزدورن (افغاني مهاجرن) کي خيبر پختون خواھ ۽ پنجاب ۾ ڇو نه ٿو رهيو وڃي؟ ڇاڪاڻ ته جيڪو پاڪستاني حڪمران سندن ملڪ جي تباهي جو ذميوار آهي ان جو تعلق اڪثر پنجاب ۽ خيبر پختون خواھ سان رهيو آهي سنڌ ۽ بلوچستان ته افغانستان جي جنگ جا ذميوار ناهن جو هو افغانستان جي جنگ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي پنهنجي وسيلن جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرائين پوءِ ان سڄي صورتحال جا نتيجا سنڌ ۽ بلوچستان ڇو ڀوڳي رهيا آهن؟
موجوده حالتن ۾ ٿيڻ ايئن گهرجي ته افغانين کي روايتي طور ڏنل ناڪارا وطن ڇڏڻ جا الٽيميٽمن کي هڪ پاسي رکندي موجوده وقت اٺاويھ آڪٽوبر تي ڏنل آخري الٽيميٽم تي نيڪ نِيتي ۽ سنجيدگيءَ سان عمل ڪندي کيس ڪارائتو بڻايو وڃي ۽ سيڪيورٽي کي ڌارين جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جا پابند بڻايو وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ خلاف قانون جوڙڻ وڃي ۽ غير ملڪين کي ووٽ ڏيڻ، ملڪيتون خريد ڪرڻ ۽ جعلي ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي، سنڌ ۾ ڌارين کي وطن بَدر ڪرڻ لاء ذميوار آفيسر کي سگهارا قدم کڻڻ جو پابند بڻايو وڃي ان سان گڏ سنڌ دوستن کي گهرجي ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڀرپور آواز اُٿارين ڇو جو هي وقت توهان جي همدردين جو نه وطن جي بقا، خوشحالي لاءِ اوهان جي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو آهي هن وقت حڪومت پاران اٺاويھ آڪٽوبر تي ڏنل آخري الٽيميٽم سان گڏ ٻي صورت ۾ قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي ڌارين جي نيڪالي فقط قومي ڪارڪنن يا ڌرتي سان چاھ رکندڙ حلالي پٽن جي ذميواري نه سمجهڻ پر هر سنڌ واسي پنهنجو پنهنجو قومي فرض سمجهي فرض ادا ڪري…….

پهنجو تبصرو موڪليو