اُٺن جي ڊوڙ جو مقابلو، چئني صوبن جا اُٺ ميدان تي لٿل

ڪشمور (جي ايم کوسو) روجھاڻ ڀرسان ميداني علائقي ۾ اٺن جو ميلو ٿي گذريو جنھن ۾  پاڪستان جي چئني صوبن جا شوقين ۽ سنڌ جي مشھور اٺن حصو ورتو. اٺن جي مقابلي ۾ 15 جوڙن حصو ورتو جڏھن ته پنجاب ۾ اٺن جي مقابلي لاءِ اڳ ۾ پابندي لڳل باوجود روجھاڻ جي سردارن پوليس ۽ ٻين جي سرپرستي ھيٺ ٿي جنھن ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جواري پھچي  لکين رپين جي جوا کيڏي جنھن مان پوليس ۽ بااثرن جو حصو پتي به ڪڍيو ويو. يادرھي ته سپريم ڪورٽ جي طرفان اٺن جي ميل ڏاندن جي گوءِ، ڪڪڙن جي ميل تي پابندي ھئڻ باوجود سرعام پوليس جي سرپرستي مقابلا هلي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو