ايڪس استعمال ڪندڙن لاءِ آمدني واري پاليسي ۾ تبديلي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر جي نالي سان مشهور آهي) اعلان ڪيو آهي ته انهي طريقي ۾ تبديلي ٿي پئي جن ۾ صارفين کي پئسا ڏئي ٿو. ايلون مسڪ هڪ ايڪس پوسٽ ۾ صارفين لاء آمدني پاليسي ۾ وڏي تبديلي جو اعلان ڪيو.هن چيو ته هر پوسٽ جنهن تي هڪ ڪميونٽي نوٽيس شامل ڪيو ويندو، آمدني حاصل ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته ان تبديلي جو سبب سنسني خیزي تي سچ کي ترجيح ڏيڻ آهي.هن چيو ته ڪميونٽي نوٽيسز ذريعي ايڊٽ ڪيل هر پوسٽ مان آمدني پيدا ڪرڻ ممڪن ناهي.ايلون مسڪ پاران اهو اعلان هڪ وقت تي آيو آهي جڏهن ايڪس تي گمراهه ڪندڙ مواد پکيڙڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي ايڪس جي مالڪ پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته سندس سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جعلي خبرون ۽ وڊيوز پکڙجي رهيون آهن. ڪميونٽي نوٽس اي ڪس ي هڪ خاصيت آهي جيڪا صارف جي مواد جي جانچ ڪري ٿي ۽ ان کي غير مناسب طور تي رپورٽ ڪري ٿي.فيچر 2021 ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ شروعات ۾ برڊ واچ جي نالي سان سڏيو ويو، پر ايلون مسڪ جي ايڪس خريد ڪرڻ کان پوءِ ڪميونٽي نوٽيسز جو نالو تبديل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو