ايڇ آءِ وي وائرس هڪ وڌيڪ معصوم زندگي کسي ورتي

رتوديرو(عطاءُالله بروهي) چار مهينا 14  ڏينهن گذرڻ باوجود هن وقت تائين موت جو راڪاس ايڇ آءِ وي ايڊز جهڙي خطرناڪ مرض تي ڪو به  ضابطو نه اچي سگهيو جنهن ڪري وڌيڪ هڪ ماءُ جي هنج خالي ٿي وئي آهي. رتوديرو جي نور آباد ڪالوني جو رهواسي ٽن سالن جو مصور علي پُٽ منور علي وڌو ايڊز وگهي فوت ٿي ويو جڏهن ته هن وقت تائين فوتين جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي. نينگر جي والد منور علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ٽن مهينن کان رتوديرو تعلقه اسپتال ۽  لاڙڪاڻه شيخ زيد اسپتال جا چڪرڪاٽي ٿڪجي پياسين پر  علاج نه مليو جنهن ڪري منهنجو معصوم پُٽ فوت ٿي ويو. هن چيو ته علاج نه ملڻ سبب ڪيترائي معصوم ٻار زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آھن پر هن وقت تائين صحت کاتي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت طرفان ايڇ آءِ وي وائرس ۾ مبتلا مريضن جي علاج لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن. رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي جو سينٽر قائم ٿيڻ باوجود به دوائون نه ٿيون ڏنيون وڃن جنهن ڪري روزانو ايڇ آءِ وي وائرس ۾ مبتلا معصوم گلڙن جهڙا ٻارڙا موت جو شڪار ٿي رهيا آهن هن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته رتوديرو ۾ سينٽر تي مفت علاج فراهم ڪري ڏيڻ لاءِ واسطيدار ادارن مٿان قانوني قدم کنيو وڃي ته جيئن ٻين معصوم زندگين کي موت جي منهن مان ڪڍيو وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو