واشنگٽن (ويب ڊيسڪُ)ايپل نئين آئي فونز جي لانچ لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ نئين ڊيوائسز ۾ ڪجهه وڏيون تبديليون نظر اينديون.بلومبرگ جي رپورٽ موجب ايپل 2012 کان آئي فونز لاءِ لائٽنگ چارجر استعمال ڪري رهي آهي پر آئي فون 15 سيريز يو ايس بي چارجنگ کي سپورٽ ڪندي.يو ايس بي ٽائپ-سي چارجر هاڻي اڪثر ڊوائيسز لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن، تنهن ڪري آئي فونز ۾ نئين تبديلي جو مطلب آهي ته هڪ چارجر هاڻي سڀني ڊوائيسز لاءِ ڪافي هوندو.آئي فونز لاءِ يو ايس بي چارجنگ سپورٽ جو مطالبو ڪيترن ئي عرصي کان صارفين طرفان ڪيو ويو آهي.
