ايٽمي رياست وارن کي پنڻ ۾ شرم ئي نٿو اچي: خورشيد شاهه

پنوعاقل(رپورٽ زبير انڍڙ) پنوعاقل ۾ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ۽ رڪن قومي اسيمبلي سيد خورشيد شاھ پير واھ کي پڪو ۽ خوبصورت ڪرڻ لاءِ38 ڪروڙن جي لاڳت سان تعميراتي منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سيد خورشيد احمد شاھ حاضرين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي 72 سال ٿيا آهن قرض وٺڻ ۾ شرم نه ٿو اچي ۽ اڄ جا حڪمران قرض وٺڻ ۾ شرمائين به نه ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ اڄ به دشمن اک نه ٿو کڻي، اهو شهيد ڀٽو جو ڪمال هو، اسان جا حڪمران خيرات گهري رهي رهيا آهن ۽ منهگائي جو عذاب ڳچي ۾ پئجي ويوآهي. هن چيو ته اسان ڪنهن فرد کي بچائڻ نه ٿا چاهيون پراسان ملڪ کي بچائڻ چاهيون ٿا. هن خطاب ۾ چيو ته پيٽرول مهانگو ٿي ويوآهي ۽ سڄي ملڪ ۾ مهانگائي جوطوفان آهي پر حڪمران چون ٿا اڃا اوهان جون رڙيون راڄ ٻڌندا. هن دعويٰ ڪئي ته اسان جي حڪومت ته ماڊل حڪومت هئي، اسان هارين کي خوشحال ڪيو۽ هن حڪومت ڪنگال ڪيو. هن چيو ته اسان جي حڪومت غريبن لاء بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو، جيڪوشهيد بينظير جو خواب هو، مان نٿو مڃان ته اڄ جهموريت آهي، ان کي ختم ڪيو ويو آهي. خورشيد شاهه چيو ته هي ڪنٽينر ناهي هي هڪ  رياست آهي، توهان گاريو نه ڏيو اسان کي به ڏيڻ اينديون آهن. هن چيو ته حڪومت  کي “بينظير ڀٽوانڪم سپورٽ پروگرام” جو نالو تبديل ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي. هنوزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته، عمران تون جيل ۾ هڪ ڏينهن به نه رهي سگهندي، جيڪي تنهنجا ڪم آهن، اسان کي ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي پاڪستان جي ڪرنسي تان قائداعظم جي تصوير جي جاءِ تي توهان پنهنجي تصويرنه لڳائي ڇڏيو؟

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو