متحده پاران سنڌ سميت 3 صوبن جي ورهاڱي جو بل پيش

اسلام آباد (اياز مهر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان سنڌ سميت ٽن صوبن کي ٻن ٻن صوبن ۾ ورهائڻ بابت آئيني ترميمي بل قومي اسمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. بل تي ڪشور زهرا، صابر حسين قائم خاني، صلاح الدين ۽ اسامه قادري جون صحيحون ٿيل آهن. بل ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته سنڌ کي اتر ۽ ڏکڻ صوبن ۾ ورهائڻ، پنجاب ۾ ڏکڻ صوبو ٺاهڻ ۽ خيبرپختونخوا ۾ هزاراه صوبو  ٺاهڻ بابت بل جو مسودو اسمبلي ۾ جمع ڪرايو. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اتحادي آهي ۽ کين آئين ۾ ترميم لاءِ گهربل حمايت حاصل ناهي پر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ هنن هڪ ڀيرو ٻيهر اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نان ايشو اٿاريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو